ڄامشورو ( ن س) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انٽرنيٽ هاڻي هڪ بنيادي انساني حق آهي، هو ڊجيٽل بل آف رائٽس آڻيندا، نوجوان ان حوالي سان قانونسازي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڄامشورو يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ هتي سندو ورهائڻ تقريب آهي، هو ڪامياب شاگردن کي واڌايون پيش ڪري ٿو ۽ انڏينهن کي ياد ڪري ٿو جڏهن هن شاگرد طور ڊگري حاصل ڪئي هئي، ڪامياب شاگرد زندگيءَ جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا تعليم يافته نوجوان ئي ملڪ جي بهتر خدمت ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته لوڊشيڊنگ ختم ٿيڻ جي دعويٰ مذاق آهي، جيڪي چون ٿا لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي آهي اُهي هتي ڄامشورو اچي ڏسن، ترقياتي بجيٽ ٺاهڻ وارا ماڻهو سٺ ورهين جي عمر جا آهن جيڪي نوجوانن ۽ سندن مسقبل بابت نٿا سوچين. هن نوجوان کان مطالبو ڪيو ته هو ڊجيٽل بل آف رائٽس آڻڻ لاءِ اڳتي اچن، اسان کي ڊجيٽل حقن لاءِ قانونسازي جي جدوجهد ڪرڻي پوندي، وي پي اين بند ڪرڻ ۽ انٽرنيٽ سلو ڪرڻ وارن کي ان سان ڪو فرق نٿو پوي جيڪڏهن فرق پوي ٿو ته اوهان کي مون کي فرق پوي ٿو. انٽرنيٽ هاڻي هڪ بنيادي انساني حق آهي. بلاول چيو ته فيسبوڪ، ٽوئيٽر ( ايڪس ) ۽ انسٽاگرام تي تي مون کي ايڊ ڪري ٻڌايو، تجويزون ڏيو ته بل آف رائٽس ۾ ڪهڙيون شيون موجود هئڻ گهرجن مان اوهان جا مطالبا اسلام آباد کڻي ويندس، اوهان ڄاڻو ٿا ته اِها مشڪل جاءِ آهي پر جيڪڏهن سٺي نيت محنت ڪئي وڃي ته مسئلن جو حل نڪري ايندو آهي. هن چيو ته 26 هين آئيني ترميم ۾ پهريون ڀيرو سٺي ماحول کي بنيادي انساني حقن طور تي شامل ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ