ڊمپرز جو وقت رات 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين ڪيو ويو آهي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته شهر ۾ ڊمپرز جو وقت رات 11 کان شام 6 وڳي تائين هو جنهن کي هاڻ رات 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين ڪيو ويو آهي، هاڻ هيوي ٽريفڪ بنا فٽنس سرٽيفڪيٽ جي روڊن تي نٿيون هلي سگهن. سومر کان پوءِ ڪابه بنا رجسٽرڊ جي گاڏي نظر آئي ته اها ضبط ٿيندي ۽ شوروم سيل ڪيو ويندو.رپورٽ موجب ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ماڻهو شڪايتون ڪندا هئا ته ايڪسائيز کاتي طرفان نمبر پليٽون الاٽ نٿيون ڪيون وڃن پر ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ وٽ 80 هزار نمبر پليٽون آهن جيڪي اڃان تائين ماڻهن وصول نه ڪيون آهن. هن چيو ته واٽر بورڊ واٽر ٽينڪرز کي بار ڪوڊز جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن مان گاڏي جي فٽنس چيڪ ٿي سگهندي، اهڙا واٽر ٽينڪرز جيڪي رجسٽرڊ نه آهن انهن کي روڪيو ويندو، جن ٽينڪرز تي واٽر بورڊ جو بار ڪوڊ نه هوندو انهي کي اجازت نه هوندي.شرجيل ميمڻ چيو ته هيوي ٽريفڪ جي لاءِ سنڌ حڪومت جو فٽنس سرٽيفڪيٽ رکڻ لازمي هوندو، پر هيوي ٽريفڪ کي فٽنس سرٽيفڪيٽ لاءِ وقت ڏنو ويو آهي، جيڪا هيوي ٽريفڪ ٻين صوبن کان اچي رهي آهي انهي جي لاءِ به سنڌ مان فٽنس سرٽيفڪيٽ وٺڻ ضروري آهي.صوبائي وزير ٻڌايو ته قانون موجب ڪابه گاڏي جيستائين رجسٽرڊ نه ٿيندي شوروم کان ٻاهر نٿي اچي سگهي. سومر کان پوءِ ڪابه غيررجسٽرڊ گاڏي شوروم مان ٻاهر نڪتي ته انهي شوروم کي سيل ڪيو ويندو ۽ گاڏي به ضبط ڪئي ويندي. هن چيو ته ٻين صوبن جي لاءِ آيل امپورٽڊ گاڏيون به ڪيريئر ۾ وينديون.شرجيل ميمڻ چيو ته شهر ۾ ڊمپرز جو وقت رات 11 کان شام 6 وڳي تائين هو جنهن کي هاڻ رات 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين ڪيو ويو آهي، اهو فيصلو عوام ۽ ٽرانسپورٽرز جي سهولت لاءِ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو