ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو 47 هون صدر چونڊجي ويو، سڀ واعدا پاڙيندس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)چونڊ نتيجن موجب آمريڪي صدر جي چونڊ ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ جي ٽرمپ 277 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري کٽي ورتي آهي. سندس مخالف اميدوار ڪمالا هيرس 226 ووٽ حاصل ڪري سگهي. 538 ڪل اليڪٽورل ووٽن مان اڪثريت لاءِ 270 ووٽ گهربل هئا ۽ هيستائين اعلانيل نتيجن موجب ڊونلڊ ٽرمپ گهربل ووٽن کان 7 ووٽ مٿي حاصل ڪيا آهن. جي ڊي وينس نائب صدر چونڊجڻ تي صدر پاران موقعو ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيا آهن. وڪٽري اسپيچ ۾ خاندان جي ڀاتين، ايلون مسڪ ۽ٻين شرڪت ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ اسٽيج تي ڊانس ڪندي خوشي ملهائي. هن آمريڪي عوام جو ٿورو مڃيندي چيو ته اها عوام جي تمام وڏي ۽ تاريخي فتح آهي. هن چونڊ مهم دوران پرڏيهي ۽ اندروني معاملن ۾ وسيع پاليسي سڌارن تي عمل ڪرڻ ۽ ڪيل واعدا پورا ڪرڻ جو عهد ڪيو. عالمي اڳواڻ ۽ ميڊيا غير معمولي طور ٻيهر صدارتي چونڊ کٽڻ تي کيس مبارباد پيش ڪري رهيا آهن.  برطانوي وزيراعظم کان وٺي، آسٽريليا، ڪئناڊا، پاڪستاني صدر ۽ وزيراعظم ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. چين جي ترجمان آمريڪي صدارتي چونڊ کي آمريڪا جو اندروني معاملو قرار ڏيندي تعلقات جي بهتري جي اميد ظاهر ڪئي آهي. ايران صدر ٽرمپ جي ڪاميابي سان وڌيڪ پابندين جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. صدر ٽرمپ چونڊ مهم دوران آمريڪا ۾ موجود غيرقانوني اميگرينٽس کي وڏي پيماني تي ملڪ بدر ڪرڻ ، چين سان معاشي ميدان ۾ مقابلي لاءِ مٿن ٽيڪس وڌائڻ، يوڪرين ۽ غزا ۾ جنگبندي سميت معاشي خوشحالي ۽ ترقي، روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ، مهانگائي گهٽ ڪرڻ، شهرين تي ٽيڪس گهٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عهد ڪيو هو. ڪمالا هيرس جا سپورٽر مايوس آهن. بظاهر لڳي پيو ته آمريڪي عورت ووٽرز ان تعداد ۾ نه نڪتيون آهن. نئون چونڊيل صدر جنوري جي آخر ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو. رائٽرز جي خبر موجب صدر بائيڊن ۽ هارايل اميدوار ڪمالا هيرس اربغ تي ڪنهن وقت ٽرمپ کي فون ڪري ڪاميابتي تي مبارڪباد ڏيندا.

ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي سياسي تحريڪ 

نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي فتح واري تقرير ڪندي ووٽرن ۽ حمايتين جو شڪريو ادا ڪيو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هي ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي سياسي تحريڪ هئي، آمريڪا کي سڌارڻ جي ضرورت آهي، بهتري آڻينداسين، آمريڪا جا زخم مرهم ڪنداسين.ٻيو ڀيرو چونڊيل صدر چيو ته عوام منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو، آمريڪا جا زخم ڀرائي ڇڏينداسين، چين سان نه ويهنداسين جيستائين آمريڪا کي مضبوط نه بڻائينداسين، آمريڪا کي ٻيهر عظيم بڻائينداسين.هن چيو ته هي ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي سياسي تحريڪ هئي، آمريڪا کي سڌارڻ جي ضرورت آهي، بهتري آڻينداسين، جيستائين آمريڪا مضبوط نه ٿيندو چين سان نه ويهنداسين.ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته هن بهترين چونڊ مهم هلائي، اها آمريڪا جي سياسي ڪاميابي آهي، انهن جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جن منهنجي حمايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو