ڊيم فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو حڪم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ديامر ڀاشا ۽ مهمد ڊيمز فنڊ ڪيس ۾ 9 آڪٽوبر جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ڊيمز فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي پبلڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڊيمز فنڊ ۾ موجود رقم وفاقي حڪومت جي پبلڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وڃي. جنهن کان پوءِ ڊيمز فنڊ لاءِ قائم اڪائونٽ بند ڪيو ويندو.حڪم نامي موجب سپريم ڪورٽ پنهنجو ئي اڪائونٽ بند ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ڊيمز فنڊ جي منتقلي لاءِ حڪومت جي پبلڪ اڪائونٽ جو ذيلي اڪائونٽ کوليو وڃي. حڪومت اهڙا قدم کڻي جنهن سان نجي بينڪن مان ڊيمز فنڊ جي رقم تي مارڪ اپ وٺي سگهجي.حڪم نامي ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ڊيمز جي تعمير لاءِ جڏهن به رقم جي ضرورت هجي لاڳاپيل اڪائونٽ مان استعمال ڪري سگهجي ٿي. سپريم ڪورٽ موجب ايڊيشنل اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ وٽ ڊيم فنڊز جا پئسا رکڻ کي غلط قرار ڏنو هو. ايڊيشنل اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڊيم فنڊز جا پئسا حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ جو چيو.9 جنوري 2019 تي 7 ججز تي ٻڌل ايمپليمينيشن بينچ ٺاهيو ويو هو. بينچ ۾ جسٽس عظمت سعيد جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجازالاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس فيصل ارب شامل هئا. رڪارڊ موجب بينچ واپڊا جي ڪنهن رپورٽ جي جانچ پڙتال ناهي ڪئي نه ئي ڪو ڪم ڪيو. هڪ کان علاوه ايمپليمينيشن بينچ جا سمورا ججز رٽائرڊ ٿي چڪا جن کي تبديل نه ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ موجب رپورٽ کي جوڙڻ جي لاءِ وقت ۽ پئسا لڳندا آهن واپڊا جي وڪيل موجب گڏيل طور تي ڊيمز جي پراجيڪٽ جي لاڳت 740 ارب روپيه آهي. ديامر ڀاشا ڊيم جي لاڳت 480 ارب روپيه، مهمند ڊيم جي لاڳت 260 ارب روپيه آهي. گهربل رقم جو صرف 3.2 سيڪڙو فنڊ جمع ڪيو ويو جنهن ۾ حڪومت جو فنڊ وڌيڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو