ڊيم فنڊ ۾ 10 ارب روپيا جمع

اسلام آباد (پ ر) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊيمن جي اڏاوت لاءِ گڏ ڪيل فنڊ ۾ هن مهل تائين 10 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جمع ٿي آھي، اھڙو اظهار هن ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ذريعي ڪيو آهي. هن سرهائي جو اظهار ڪندي چيو ته ڊيم فنڊ ۾ 10 ارب، 71 لک رپيا جمع ٿي ويا آهن ۽ اهو عوام جو حڪومت تي اعتماد جو اظهار آهي. وزيراعظم چيو ته ڊيم فنڊ ۾ دل کولي حصو وٺڻ تي پاڪستان جي عوام کي جس ھجي. ياد رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ڊيم فنڊ 6 جولاءِ 2018ع تي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ ان لاءِ خصوصي اڪائونٽ کوليو هو.سابق چيف جسٽس ڪيترن ڪيسن ۾ جوابدارن تي وڌل ڏنڊ جي رقم پڻ هن فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو،

پهنجو تبصرو موڪليو