ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ۾ تڪرار، ٻئي آفيسر عهدن تان فارغ

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر تي حملي کانپوءِ ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي حفيظ الرحمان بگٽي ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ پڄاڻي تي پهچي وئي، ٻنهي پوليس آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو .ڊي آءِ جي پير محمد شاهه کي سروس جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪو آرڊينيشن ڊپارٽمينٽ ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي کي سينٽرل پوليس آفيس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب کي سکر رينج جي اضافي چارج ڏني وئي جڏهن ته گھوٽڪي ضلعي جي اضافي چارج ايس ايس خيرپور سميع الله سومرو کي ڏني وئي آهي.ڊي آءِ جي پير محمد شاهه طرفان لکيل خط جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنهن جو سربراهه ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي عمران يعقوب منهاس هوندو.ڊي آءِ جي ڪرائم اينڊ انويسٽيگيشن عامر فاروقي ۽ ڊي آءِجي فنانس تنوير عالم اوڍو ڪميٽي ميمبر هوندا.ڪميٽي ايس ايس پي گھوٽڪي طرفان ميڊيا ٽاڪ ۾ لڳايل الزامن جي جاچ ڪندي.اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر تي حملي جي حوالي سان ڊي آءِ ۽ ايس ايس پي جي طرز عمل جو به جائزو ورتو ويندو.گھوٽڪي ۾ جاري آپريشن جي حوالي سان ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي وچ ۾ ورڪنگ ريليشن شپ ۽ اختلافن جو به پتو لڳايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو