راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس جي بنياد تي هڪ آپريشن ۾ 10 خارجين کي ماري ڇڏيو.آءِ ايس پي آر موجب، ڪيپٽن حسنين فائرنگ جي جي ڏي وٺ ۾ شهيد ٿي ويو، آپريشن دوران مارجي ويل خارجين کان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو، پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد ڪيترن ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا،آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگرد بيگناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ پڻ ملوث هئا، علائقي ۾ ٻين امڪاني خوارج کي ختم ڪرڻ لاءِ صفائي آپريشن جاري آهي.
