فيض آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي، ڪورٽ مارشل جاري آهي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته فوج جي ڪابه سياسي ايجنڊا ناهي ۽ نه ئي ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي طرفدار يا مخالف آهي، فوج جو هر حڪومت سان پيشوراڻو تعلق هوندو آهي، جيڪو آئين ۽ قانون ۾ مناسب طور تي بيان ڪيو ويو آهي. فيض حميد ڪيس ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪ فوج ذاتي ۽ سياسي مفادن لاءِ ڪيل خلاف ورزين کي ڪهڙيءَ طرح سنجيدگيءَ سان ڏسي ٿي، فيض حميد ڪيس ۾ جيڪو به ملوث هوندو، ڪوبه عهدو يا حيثيت رکندڙ هوندو ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، سال اندر دهشتگردن ۽ سهولتڪارن خلاف انٽيليجنس بنياد تي 32173 آپريشن ڪيا ويا. خميس ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر سڀ کان پهرين خوارجي فتني ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪيل ڪاررواين جو جائزو پيش ڪندي ٻُڌايو ته دهشتگردن ۽ سهولتڪارن خلاف هن سال 32173 آپريشنز ڪيا. انهن آپريشنز دوران 90 خوراجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو، دهشتگرديءَ جي ناسُور کي مُنهن ڏيڻ لاءِ روزانو جي بنياد تي 130 کان وڌيڪ آپريشنز ڪيا پيا وڃن، انهن آپريشنز دوران 193 آفيسرن ۽ جوانن شهادت ماڻي. قوم شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي. آخري خوارجي ۽ دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. هن چيو ته 20 آگسٽ کان تيراه واديءَ ۾ خوارجي فتني، هٿ ٺوڪي ڪالعدم تنظيم لشڪر اسلام ۽ جماعت الحرار خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو ويو. ڪامياب آپريشن جي نتيجي ۾ خوارجي فتني وارن کي وڏو نقصان پهتو، ڪاررواين دوران انتهائي گهربل خوارجي ابوذر المعروف صدام سميت 37 خوراجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو، جڏهن ته 14 دهشتگرد زخمي ٿيا، ان دوران اسان جا 4 بهادر جوان شهيد ٿيا. 25 ۽ 26 آگسٽ جي رات دهشتگردن بلوچستان ۾ ڪارروايون ڪيون، اهي ڪارروايون ملڪ اندران، پرڏيهي دهشتگردن جي چوڻ تي ڪيون ويون، جنهن جو مقصد معصوم ۽ بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائي بلوچستان جي پُرامن ماحول ۽ ترقيءَ کي متاثر ڪرڻ هو. فورسز جوابي ڪارروائي ڪندي 21 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو، ان دوران 14 جوان شهيد ٿيا. هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته بلوچستان جي عوام ۾ احساس محرومي ۽ رياستي جبر جو تاثر به آهي، جنهن کي پرڏيهي اشارن تي مخصوص عنصر ناڪاري مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آهن، اهي ان کي ان ڪري هوا ڏيندا آهن ته جيئن بلوچستان ۾ ترقي ۽ عوامي ڀلائيءَ جو جاري عمل خوف ۽ هراس ذريعي متاثر ڪري سگهجي، جڏهن دهشتگردن خلاف ڪارروايون ٿينديون، جڏهن ترقي نه ٿيندي ته ان سان احساس محرومي ۽ رياستي دراندازي جو بيانيو وڌيڪ وڌندو، دهشتگردن جا سرپرست رياست تي وڌيڪ الزام هڻندا ۽ ڪُڌي عمل کي جاري رکي سگهندا. 25 ۽ 26 آگسٽ جي رات تي ٿيل واقعا ان ئي پرڏيهي فنڊنگ تي هلندڙ راند جو حصو هئا. هن چيو ته اهي ڪم ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙن جو انسانيت ۽ بلوچ قدرن سان ڪو تعلق ناهي، معصوم شهرين کي ظلم جو نشانو بنائڻ ۽ ان تي فخر، انهن جي ذهنيت ۽ مايوسيءَ جي عڪاسي آهي، دهشتگردن کي واضع پيغام ڏيڻ چاهيُون ٿا ته شهرين جي جان ۽ مال ۽ ترقيءَ جي دشمنن سان رياست سختيءَ سان مُنهن ڏيندي. هن چيو ته پاڪ فوج خود احتسابي عمل تي يقين رکي ٿي، ان جو خود احتسابيءَ جو نظام انتهائي جامع ۽ مضبوط عمل جيڪو ٽائيم ٽيسٽڊ آهي، اهو الزامن بجاءِ ٺوس شاهدين ۽ ثبوتن جي بنياد تي ڪم ڪندو آهي، جڏهن به فوج ۾ قائم قانونن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿيندي آهي ته هي خودڪار نظام حرڪت ۾ ايندو آهي. هن چيو ته 12 آگسٽ تي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائيءَ جي حوالي سان ٻُڌايو ويو هو. رٽائرڊ آفيسر خلاف ٽاپ سٽي ڪيس ۾ باضابطه طور تي درخواست ملي هئي. اپريل 2024ع ۾ پاڪ فوج طرفان اعليٰ سطح جي ڪورٽ آف انڪوائريءَ جو حڪم ڏنو ويو ته جيئن مڪمل جاچ ڪري سگهجي. ٺوس شاهدين تي ٻَڌل تفصيلي جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 12 آگسٽ 2024ع تي پاڪ فوج باضابطه طور تي آگاهه ڪيو ته لاڳاپيل رٽائرڊ آفيسر پاڪستان آرمي ايڪٽ جي شقن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. رٽائرمينٽ کانپوءِ ان طرفان لاڳاپيل قانونن جي خلاف ورزين جا ڪيترائي واقعا سامهون آيا، انهن بنيادن تي فيلڊ مارشل ڪاررواين جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اهو سمجهڻ ضروري آهي ته پاڪ فوج قومي فوج آهي، ان جي ڪابه سياسي ايجنڊا ناهي، نه اهو ته ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي مخالف آهي، نه طرفدار، فوج جو هر حڪومت سان پيشوراڻو لاڳاپو هوندو آهي جيڪو آئين ۽ قانون ۾ مناسب طور تي بيان ڪيو ويو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جيڪڏهن فوج ۾ ڪوبه شخص پنهنجي ذاتي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو يا پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ ڪنهن مخصوص سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي ٿو ته پاڪ فوج جو خود احتسابي جو نظام حرڪت ۾ ايندو آهي، ثبوت ۽ شاهدين جي روشنيءَ ۾ ذميوارن کي انهن جي عملن جو جوابداه ٿيڻو پوندو آهي، جاري عمل ان ڳالهه جو هڪ ٻيو مثال آهي. هن چيو ته پاڪ فوج ۾ واضع اتفاق راءِ آهي ته فوج کي رياستي اداري جي حيثيت سان ڪنهن به سياسي مفاد کي مڪمل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ کان محفوظ رکيو ويندو، لاڳاپيل آفيسرن کي قانون تحت مرضيءَ جو وڪيل ڪرڻ، اپيل سميت ٻيا حق حاصل هوندا. فيض حميد ڪيس ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته پاڪ فوج ذاتي ۽ سياسي مفادن لاءِ ڪيل ڀڃڪڙين کي ڪيتري حد تائين سنجيدگيءَ سان غور ڪري ٿي ۽ بنا ڪنهن فرق جي قانون مطابق ڪارروائي ڪري ٿي. هن چيو ته ان قسم جي بنا ڪنهن فرق جي خود احتسابي ٻين ادارن کي به اُتساهي ٿي ته جيڪڏهن ذاتي يا سياسي مقصدن لاءِ ڪو به پنهنجي عهدي کي استعمال ڪري ٿو ته ان کي به اهو به جوابده ڪري، رياستي ادارن تي عوام جو اعتماد ئي انهن جو بهترين سرمايو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي انت خلاف پاڪستان جي جنگ هڪ منظور ٿيل ۽ جامع حڪمت عملي تحت وڙهي پئي وڃي، ان حڪمت عمليءَ کي مختلف سياسي پارٽين، لاڳاپيل ڌُرين ۽ سمورين حڪومتن ترتيب ڏنو آهي، اها نيشنل ايڪشن پلان ۽ نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان ۽ هاڻي عزم استحڪام جي نالي سان هڪ دستاويزي شڪل ۾ به موجود آهي، ان جي اندر جيڪي پاڪستان جون هٿياربند فوجون، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ڪم آهن اهي به جامع حڪمت عمليءَ تحت ڪيا ويندا آهن، جنهن جا چار مرحلا آهن. ڪليئر، هولڊ، بلڊ ۽ ٽرانسفر ته جيڪا دهشتگردي وڌي رهي آهي اسان کي سمجهڻو پوندو ته ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ان جامع حڪمت عمليءَ تحت جيڪو ڪم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ فوج کي ڪرڻو آهي ته دهشتگردن کان علائقن کي پاڪ ڪرڻ ۽ انهن کي عارضي طور تي هولڊ ڪرڻ ته جيئن اتي باقي عهديدار آهن، انتظاميه آهي اتي انهن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻو آهي ته جيئن جنهن ۾ اچي اهي سماجي ۽ معاشي منصوبا لڳائن ۽ پوءِ ان علائقي کي مڪمل طور تي پنهنجي اختيار ۾ وٺن. ڊائريڪٽر جنرل جو چوڻ هو ته ان ۾ جيڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ فوج آهي ان ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ دهشتگرديءَ جي جنگ وڙهي آهي ان ۾ 46 هزار چورس ڪلوميٽر کان وڌيڪ علائقي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪيو آهي. هن چيو ته ان ڪري اسان سدائين چوندا آيا آهيون ته پاڪستان ۾ ڪوبه عملي طور اهڙو علائقو ناهي جتي دهشتگردن جي هڪ هٿي هجي، ته جيڪي ڪليئر ۽ هولڊ جا مرحلا آهن ته اهي مڪمل ٿي چڪا آهن. ڳجهي ڄاڻ تي ٻَڌل ننڍا وڏا سمورا آپريشنز جيڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جنهن ۾ پوليس، انٽيليجنس ايجنسيون به شامل آهن، اهي ان کي وڌيڪ طاقت ۽ سگهه ڏيڻ لاءِ ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته هاڻي جيڪو بلڊ ۽ ٽرانسفر جو ڪم آهي ان ۾ سمورن واسطيدار ڌُرين جو اهو پڪو عزم آهي ته ان کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان ۾ جيڪا ذميواري آهي اها مڪاني ادارن ۽ صوبائي حڪومتن جي آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ انهن کي صحت جي تعليم جي روزگار جا سماجي منصوبا آڻڻا آهن ته جيئن عوام کي هڪ روزمره جي زندگيءَ ۾ مصروف ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان فوج اڳيان اچي صوبائي حڪومت ۽ مڪاني ادارن جي مدد ڪري ٿي ۽ صحت جي تعليم جي روزگار جي ترقيءَ جا ڪيترائي منصوبا ڪي پي ڪي، بلوچستان ۾ پاڪ فوج جا يونٽ ۽ فارميشن آهن اهي اهو ڪم ڪن ٿا. هن چيو ته آگسٽ 2021ع کانپوءِ خوارجي فتني ۽ جيڪي دهشتگرد آهن انهن جي سهولتڪاري وڌي چڪي آهي ۽ جڏهن کان افغانستان ۾ تبديلي آئي آهي ان کانپوءِ اها سهولتڪاري تربيتي ڪيمپن جي شڪل ۾ هجي يا لڏپلاڻ جي مدد فراهم ڪرڻ جي صورت ۾ يا افغان شهرين جي پنهنجي سر خوارجي فتني ۾ شامل ٿيڻ جي شڪل ۾ هجي يا وري خودڪش بمبارن يا ڇڏيل آمريڪي اسلحي جي جديد فراهميءَ جي شڪل ۾ هجي، وڌي چڪي آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان جي حڪومت افغانستان جي عبوري حڪومت سان رابطي ۾ آهي ۽ افغانستان اسان جو ڀائر اسلامي ملڪ آهي ۽ پاڪستان ان جو هميشه ڀرپور ساٿ ڏنو آهي ۽ اسان اهو چاهيون ٿا ته اهو پاڪستان تي خوارجين تي قطعي اهميت نه ڏي. هن چيو ته اهي خوارجي جن جو نه ڪو دين اسلام سان تعلق آهي ۽ نه ئي انهن جو ڪو انسانيت سان تعلق آهي ۽ نه ئي انهن جو قبائلي قدرن سان تعلق آهي. پاڪستان حڪومت ۽ افغانستان وچ ۾ گهڻين شين تي سٺا ناتا آهن ۽ جيڪي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته انهن ٻنهي پاڙيسري اسلامي ملڪن ۾ غلط فهميون پيدا ڪري رڪاوٽون وِجهندا انهن کي اسان اهوئي چئون ٿا ته اهي خيالي دنيا ۾ رهن ٿا. فوج هوندي آهي ته اها دهشتگردن سان وڙهندي آهي ۽ قوم دهشتگرديءَ سان وڙهندي آهي، تنهنڪري حڪومت عزم استحڪام جي نالي سان روائزڊ نيشنل ايڪشن پلان جي نئين شرڪل جي سمورن واسطيدارن سان ويهي ڪري پيش ڪيو جنهن جو مقصد دهشتگرديءَ کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪي قدم آهن اهي کنيا وڃن جنهن جي ذميواري ٻين لاڳاپيل ڌُرين جي آهي، انهن مان ٽي اهم قدم آهن ان ۾ پاڪستان جي فوجداري قانون کي مضبوط ڪرڻ، دهشتگردي ۽ ڏوهاري پيشه مافياز جي ملي ڀڳت کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ٽيون پوري قوم متحد ٿي دهشتگردي ۽ شدت پسنديءَ خلاف هڪ بيانيي تي بيٺل هجي. ان ۾ ٻين لاڳاپيل ڌُرين جي ذميواري آهي، جن جي اسان هميشه وانگر ڀرپور مدد ڪندا رهنداسين. فيض حميد ۽ ان جي ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي اڳتي وڌڻ دوران پي ٽي آءِ طرفان خدشن بابت سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اهو هڪ ٻُڌڻيءَ هيٺ معاملو آهي ۽ توهان جو سوال مفروضن تي ٻَڌل آهي پر آءُ توهان کي اهو ضرور چوندس ته فوجي قانون مطابق ڪوبه شخص، جيڪڏهن ڪنهن فرد يا ماڻهوءَ کي جيڪي آرمي ايڪٽ جي ماتحت هجن، انهن کي ذاتي يا سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري ۽ ان جا ثبوت ۽ شاهديون موجود هجن ته قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي وٺندو.

پهنجو تبصرو موڪليو