اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 26 نومبر تي ڊي چوڪ احتجاج ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا بشارت جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ راجا بشارت 26 نومبر تي ڊي چوڪ تي احتجاج جي حوالي سان چار مختلف ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي.اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت راجا بشارت کي 5000 رپين جي مچلڪن جي عوض ضمانت منظور ڪئي.
