ڊي چوڪ احتجاج ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊي چوڪ احتجاج ڪيس ۾ سلمان اڪرم راجا سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 5 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. جج ابو حسنات ذوالقرنين 26 نومبر تي ڊي چوڪ تي احتجاج ڪرڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت سلمان اڪرم راجا، زرتاج گل، عاليا حمزه ۽ ڪنول شوزب جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي.جج ابو الحسنات ذوالقرنين چيو آهي ته سڀني ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي گڏجي ڪئي ويندي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت سلمان اڪرم راجا، شهريار آفريدي، شير افضل مروت، شعيب شاهين، عبدالقيوم نيازي، زرتاج گل، عاليا حمزه، ڪنول شوزب، مشال يوسف زئي، ناديه خٽڪ، فلڪ ناز، علي بخاري، عمير نيازي ۽ رئوف حسن جي عبوري ضمانت ۾ 5 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي.پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف آبپارا، سيڪريٽريٽ، ترنول، رمنا ۽ ڪوهسار ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو