اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مقامي انتظاميا جڙيل شهرن ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو آهي، پوليس عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر وقت مصروف آهي، شهرين کي گذارش آهي ته ڪنهن به غير قانوني ڪم جو حصو نه بڻجن.اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته امن امان ۾ خلل وجهندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، روڊن جي بندش کي نظر ۾ رکندي ٽريفڪ ايڊوائزري کي نظر ۾ رکيو وڃي.اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ موبائل فون سروس معطل آهي ۽ سڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي، جڙيل شهرن کي ڳنڍيندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن ۽ فيض آباد پل تي ڊبل ليئر ڪنٽينر رکيا ويا آهن، جڏهن ته اسلام آباد ايڪسپريس وي کي به مختلف هنڌن تي بلاڪ ڪيو ويو آهي. سيل ڪيو ويو آهي.آءِ جي پي ڊبل روڊ کي به ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي ۽ راولپنڊي جي مرڪزي شاهراهه مري روڊ ڏانهن ويندڙ رستا به بند ڪيا ويا آهن.راولپنڊي ۽ اسلام آباد کي ملندڙ رستن تي پوليس جي وڏي نفري تعينات ڪئي وئي آهي ۽ راولپنڊي ۾ ميٽرو بس سروس في الحال معطل ڪئي وئي آهي.سي پي او راولپنڊي خالد همداني جو چوڻ آهي ته امن خراب ڪرڻ وارن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسپيشل فورس مقرر ڪئي وئي آهي، سرڪاري ۽ پرائيويٽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ وارن سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي، سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي شرپسندن جي نشاندهي ڪئي ويندي
عمران خان جي ڀيڻ عليما خان ۽ عظميٰ خان ڊي چوڪ وٽان گرفتار
پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان ۽ عظميٰ خان کي اسلام آباد جي ڊي چوڪ وٽان گرفتار ڪيو ويو.پاڪستان تحريڪ انصاف پاران ڊي چوڪ تي احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ مختلف هنڌن تي پوليس ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون جاري آهن.پوليس عمران خان جي ڀيڻ عليما خان ۽ عظميٰ خان کي ڊي چوڪ وٽان گرفتار ڪري ورتو. پوليس عليما خان ۽ عظميٰ خان کي وين ۾ کڻي وئي. پوليس عليما خان ۽ عظميٰ خان کي وومين ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.
چمبڙ: ڳوٺ ڇتن آريسر ۾ نوجوان ناري آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنڌڪوٽ ۾ کوسا ۽ گولا برادري ۾ تڪرار، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي
آءِ نائن ٿاڻي تي ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور اشتهاري قرار
لاهور دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ پهرين نمبر تي برقرار
سياري جي موڪل بعد سمورن ٻارن کي ٽرانسپورٽ ڏيڻ جو حڪم
بشريٰ جو بيان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي برابرآهي : ارسلان
بشريٰ بي بي جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري، گرفتاري جو حڪم
عمران سان ملاقاتون نه ڪرائڻ تي جيل سپرنٽينڊنٽ جي معافي قبول
عدالتي رپورٽنگ تي پيمرا جي پابندي ڪالعدم قرار
مان ۽ جاويد ڇوڪرين سان دوستين ۾ مقابلو ڪندا هئاسين: سيد نور
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي بعد وري مندي، انڊيڪس 2000 پوائنٽن جو اضافو
توشه خانه 2 ڪيس ۾ عمران خان کي آزاد ڪرڻ جا روبڪاري جاري
اظهر علي يوٿ ڊولپمينٽ جو سربراهه مقرر
گوادر هوائي اڏو افتتاح بعد به اڃا فنڪشنل نه سگهيو، وزير جي ڪاوڙ
شام تي اسرائيلي فوج جو حملو، 79 ايران نواز ويڙهاڪ مارجي ويا
سنڌيار سکر 22 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 22 نومبر 2024ع
سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاھڻ بند ڪيو
احتجاج جي اجازت نه ڏيڻ جو حڪم، پي ٽي آءِ قيادت سان رابطي جي هدايت
ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي فائرنگ 42 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي