ڌماڪو ناقابل برداشت، امن امان لاڳو ڪندڙ ادارا انٽيليجنس ڪم تيز ڪن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اهم اجلاس ٿيو وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام نبي ميمڻ، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شرڪت ٿيا،سنڌ جي وڏي وزير سڄي صوبي خاص ڪري ڪراچي شهر ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو،وڏي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪو ناقابل برداشت آهي، اهڙا واقعا نه ٿيڻ گهرجن،پوليس ۽ ٻيا امن امان لاڳو ڪندڙ ادارا انٽيليجنس ڪم تيز ڪن،سنڌ جي وڏي وزير سمورن امن امان لاڳو ڪندڙ ادارن کي پاڻ ۾ رابطا مضبوط ڪن،وڏي وزير کي امن امان لاڳو ڪندڙ ادارن ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي بابت بريفنگ ڏني سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل ڪميٽي قائم ڪئي وڃي سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان چيو ته گڏيل ڪميٽي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي گڏيل جاچ ڪندي

پهنجو تبصرو موڪليو