ڌيءَ جي علاج لاءِ زيور وڪرو ڪري ايندڙ شهري مزاحمت تي قتل

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سائيٽ سپر هاءِ وي انڊسٽريل ايريا ۾ بيمار ڌيءَ لاءِ زيور وڪرو ڪري ايندڙ شهري کي ڦورن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب قتل ٿيل نوجوان فرحان دوائن جي ڪمپني ۾ ملازم هو، ڌيءَ جي بيماري کان پوءِ سندس مالي پريشانيون وڌي ويون هيون ۽ انهي جي ڪري ئي هو گهر واري جا زيور وڪرو ڪري اچي رهيو هو ته ڦورن کانئس پئسا ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران مزاحمت تي کيس 3 گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي جو نه ته ڪو ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري جوابدار گرفتار ٿي سگهيا.مقتول فرحان جي سُهري چيو ته واقعي کان پوءِ پوليس اسان سان ڪوبه رابطو نه ڪيو صرف اسپتال ۾ چيو ويو هو ته ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ اچجو.ٻئي پاسي مقتول جي ڌيءَ ڏک واري حال ۾ چيو آهي ته بابا مون کي تمام گهڻو پيار ڪندو هو، مون کي جنهن به شيءَ جي ضرورت هوندي هئي اها هو وٺي ايندو هو. ظالمن بابا کي قتل ڪري مون سان وڏو ظلم ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو