ڍيرتي اڇلايل نئون ڄاول ٻار رولو ڪتن ماري ڇڏيو

خيرپور (سجاد علي ڪٻر)ملز ڪالوني ۾ نامعلوم عورت گناهه لڪائڻ لاءِ جنم ڏنل ٻار کي گندگي جي ڍير تي ڦٽو ڪري ڇڏيو، تازي ڄاول ٻار کي گندگيءَ جي ڍير تي رولو ڪتن ڏاڙهي ماري ڇڏيو، تازي ڄاول ٻار جي لاش گندگي جي ڍير تي ڏسي شهرين بي سيڪشن پوليس کي اطلاع ڏنو ،پر پوليس ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود نه پهتي ،جنهن بعد پاڙي وارن گڏجي انسانيت جي ناطي گندگي جي ڍير تي پيل تازي ڄاول ٻار جي لاش کي دفنائي ڇڏيو، ٻئي طرف ملز ڪالوني جي رهواسين اعظم علي ، احمد علي ، ايوب علي ،فهيم احمد سرفراز ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جي سرپرستيءَ هيٺ ڪالوني ۾ ڪيترائي فحاشي جا اڏا کلي عام هلي رهيا آهن،

پهنجو تبصرو موڪليو