ڏاڍ جا نوان طريقا ۽ عوام ۾ وڏندڙ نفرت

طفيل مگسي
سموري دنيا ۾َحڪمران طبقو محنت ڪش عوام تي پنهنجو مسلسل ڏاڍ ۽ ستم.وڌائي رهيو آھي ۽ ان طبقي کي سگه ڏيڻ جي لاء نون نون طريقن کي آزمايو پيو وڃي ۽ ظلم جو زنجير وڌيڪ ڇڪيو پيو وڃي ۽ اهو چٽو ڏيک پيو ڏيئي ته سرمائيداراڻي نظام جي بدترين زوال ۾ حڪمران طبقو هينئر سڄي دنيا ۾ پراڻن طريقن سان پنهنجو ڪنٽرول قائم ناهي رکي رهيو ۽ هر پاسي ان کي عوام جي نفرت ۽ بدلي جو سامهون آھي.گذريل ڪرونا واري وبا جو ئي مثال وٺون ٿا ته ڪرونا جي وبا ان نظام ۽ ان جي ڪرتن ڌرتن جي رت سان رنڱيل چهرن کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو چٽو ٿي پيو هو ته اهي حڪمران پنهنجن نفعن جي لالچ جي لاء ڪروڙين ماڻھن جي زندگين جي به پرواه نٿا ڪن.ڪرونا جون ويڪسنون ٺاهڻ وارين ڪمپنينون سينڪڙين ارب ڊالرز جا نفعا ڪمائڻ جي باوجود به ان ويڪسن جي ملڪيت واري حق کان وٿ ڊراء نه ٿيون ۽ نه ئي ڪنهن ملڪ جي حڪمران طبقي اهڙي قانون سازي ڪئي.هڪ اهڙي ئي ڪمپنيء جي مالڪ ان وقت چيو هو ته جيڪڏھن اسان ان قسم جو جديد ترين فارمولو سڀني جي لاء کولي ڇڏيو ته پوء ڪينسر کان وٺي ڪري دل جي بيماري تائين جي علاج جي لاء هر ڪنهن کي نهايت سستيون ۽ سولائي سان دوائون ميسر ٿي وينديون ۽ ڪمپنيون نفعو نه ڪمائي سگهنديون.صرف انهيء ھڪ بيان کان چٽو ٿيو ته نجي ملڪيت تي مشتمل ان نظام کي ختم ڪرڻ کانسواء انهن رت پياڪ بگهڙن کان ڇوٽڪاري جو ڪو ٻيو رستو ئي ناهي.انهن بگهڙن جا محافظ سمورن سرمائيدار ملڪن جا حڪمران آھن.جيڪي ان نفعي خور سرمائيدار طبقي جي ملازم جي طور تي ڪم ڪن ٿا ۽ مزدور
دشمن پاليسين کي پوليس ۽ فوج جي ڏاڍ جي وسيلي عوام تي مڙھين ٿا.
پاڪستان ۾ به اهائي ساڳئي صورتحال آھي ۽ ھتي حڪمران طبقي جو ڏاڍ به وڌي رهيو آھي ۽ ڦرلٽ پڻ.هڪ پاسي سرڪاري اسپتالن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي.دوائن جي قيمتن ۾ 500 سيڪڙو تائين بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي واڌارو ڪيو وڃي ٿو ۽ وزير ان ۾ ڪميشنيون کائين ٿا.ياد رهي ته ڪرونا وبا جي دوران ڪرونا فنڊ جا ئي هڪ جرنيل صاحب 1200ارب روپيا هڙپ ڪري فرار ٿي ويو هو ۽ ڪنهن به کانئس کان ڪو حساب ڪتاب نه ورتو.جڏھن ته ان وقت لکين عوام بنا ڪنهن علاج جي کرڙيون هڻي هڻي ڪري مري رهيا هئا.
ليڪن حڪمران طبقن جي اوليت ان سڄي عرصي ۾ سرمائيدارن جي نفعي جي لالچ کي پورو ڪرڻ ۾ رهي.جن جي ڪري سينڪڙين اربين روپين جي پيڪيج جا اعلان ڪيا ويا يا وڃن ٿا.بجلي پيدا ڪرڻ وارن نجي ڪمپنين کي عوام جي ٽيڪسن جو سينڪڙين ارب روپيا مفت جو مال يا مال غنيمت سمجهي ڪري ڏنو وڃي ٿو.جڏھن ته اهي ڪمپنيون عوام تي هڪ عذاب بڻجي چڪيون آهن.جن کي فورن نيشنلائز ڪري مزدورن جي جهموري ڪنٽرول ۾ وٺڻ جي اهم ضرورت آھي.ان ريت عام علاج ۽ تعليم سميت بنيادي ضرورت جي سمورين شعبن منجهان به ڪٽوتي ڪري نام نهاد دفاعي بجيٽ ۾ هرسال وڏو فضول واڌارو ڪيو وڃي ٿو.جيڪو هينئر گهٽ ۾ گهٽ 1800ارب سياليانو تائين پهچي چڪو آھي.ان کانسواء سپليمينٽري گرانٽس ۽ ٻين طريقن کان به ان دوران وڏي پيماني تي خرچ.ڪيا وڃن ٿا.جن ۾ ھڪ وڏو حصو هٿيارن جي خريداري جي وقت ڪرپشن.ڪڪ بيڪس ۽ ڪميشن جي حوالي به ٿي وڃي ٿو.عالمي وياج خور مالياتي بجيٽ جو اٽڪل اڌ ادا ڪرڻ کانپوء سڀ کان وڏيڪ خرچ غير پيداواري شعبن تي ڪيو وڃي ٿو.جڏھن ته عوام کي بک.بيماري ۽ جهالت جي اونداهين ۾ مرڻ جي لاء ڇڏيو وڃي ٿو.ٿرقياتي خرچ به وزيرن ۽ ٺيڪيدارن کي نوازڻ جي لاء ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن جو عوام جي ٿرقي يا خوشحالي سان ڪو تعلق ناهي.
ايندڙ سال يعني 2025ع ۾ به صورتحال مختلف نه بلڪ ساڳئي هوندي بلڪ ان ۾ به صحت ۽ تعليم جي اڳ ئي نهايت بجيٽ منجهان ڪٽوتيون ڪيون وينديون.پگهارن ۾ به معاشي بدحالي جي سبب کان
واڌارو نه ڪيو ويندو جڏھن ته وڏي پيماني تي نجڪاري جي شروعات ڪئي پئي وڃي.جنهن سان لکين ماڻھو بيروزگار ٿيندا.مزدورن جي اجرتن ۾ مهانگائي جي حساب کان اڳ ئي ڏھاڪن کان مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آھي ۽ اچڻ واري عرصي ۾ وڌيڪ کوٽ ٿيندي.جڏھن ته امير ترين ماڻھن جي سرمايي ۾ ٻيڻ ٽيڻ تي واڌارو ٿيندو.پهرين ئي سرڪاري انگن اکرن جي مطابق ملڪ جي چاليه سيڪڙو آبادي غربت واري زندگي گهاري رهي آھي.جڏھن ته اهو تناسب ان کان ٻيڻو بڻجي ٿو.ٻين لفظن ۾ ڪروڙين ماڻھو بک ۽ بيماري جي ڪري موت جي حوالي ٿي رهيا آھن.ليڪن حڪمران طبقي جون عياشيون اڳ جيان جاري وساري آھن.
ان سموري عمل ۾ حڪمرانن جي خلاف اڀرڻ واري نفرت کي چٿڻ جي لاء مسلسل نوان طريقا ۽ قانون تيار ڪيا پيا وڃن.سوشل ميڊيا تي پابندي جا سخت قانون منظور ڪيا پيا وڃن.جڏھن ته سرمائيدار طبقي جي ڪنٽرولڊ ۽ نمائنده ميڊيا تي اڳ ئي وڌيڪ سخت پابنديون مڙھيون ويون آھن ۽ ھينئر بک و بيماري کان مرڻ وارن جون خبرون ڇاپڻ يا ڏيڻ انهن حڪمرانن جي مطابق ملڪي سالميت کي خطري ۾ وجهي ڇڏي ٿو.انهيء ريت حڪمرانن خاص طور تي خلائي مخلوق جي ڪرپشن.ڦرلٽ.زمينن تي قبضن ۽ ٻين اهڙين ئي ڏوهاري خبرن کي لڪايو وڃي ٿو.ان کانسواء مزدورن جي تحريڪن وارين خبرن کي به بريء ريت چٿيو وڃي ٿو ۽ انهن جي اجرتن جي واڌاري ۽ ٻين حقن واري جدوجهد کي منظرعام تي آڻڻ سرمائيدارن جي پٺو ميڊيا جي لاء ڪبير گناه آھي.ان ريت سياسي ڪارڪن ۽ جهموري حقن جي جدوجهد ڪرڻ وارن تي ٿيڻ واري ڏاڍ کي منظرعام تي آڻڻ کي به ملڪ جون نظرياتي بنيادون خطري ۾َ پئجي وڃن ٿيون.شاگردن جي امتحانن جي باري ۾ ڪو احتجاج هجي يا پاڻ کي منظم ڪرڻ جي ڪا ڪاوش هجي.ان کي به رياستي ادارا ائين چٿين ٿا ڄڻ ڪنهن دشمن ملڪ جي چوڪي ٿي حملو ڪري رهيا هجن.سڀ کان بدترين ڏاڍ ۽ تشدد صنعتي مزدورن جي احتجاجن تي ٿيندو آھي.جن کي معمولي پوليس واري کان وٺي خلائي مخلوق تائين سڀ زمين تي ريڙھيون پائي هلندڙ ڪيڙن مڪوڙن کان وڌيڪ اهم نٿا سمجهن ۽ انهن جي زندگي حڪمرانن جي لاء مک ۽ مڇر کان وڌيڪ اهميت نٿي رکي.
اهوئي سبب آھي ته ٽرين ۾ باه لڳي ڪري مري وڃن يا فيڪٽرين ۾َ باه لڳڻ يا ڇت ڪرڻ سان.حڪمرانن جي مٿي تي جونء به ناهي چرندي.ليڪن مريم نواز يا بلاول کي نڇ به اچي وڃي ٿي ته سموري ميڊيا ۾ ٿرٿلو مچي وڃي ٿو.حڪمرانن جو وڌندڙ ڏاڍ ٻي پاسي اهو به چٽو ڪري رهيو آھي ته انهن جو نظام هڏڪيون ڏئي رهيو آھي ۽ اهي هن وقت بدترين ڏاڍ ۽ انسانيت سوز ظلمن جي باوجود به عوام کي پنهنجي مٺ ۾ ڀڪوڙي نٿا رکي سگهن.مذھبي.قومي .لساني ۽ فرقيواريت جهڙن حسدن کي به بي انتها استعمال ڪيو پيو وڃي.جيڪي برطانوي سامراج جي ٺاهيل ان سرمائيداراڻي رياست جون بنيادون آھن ته جيئن محنت ڪش عوام جي نفرت حڪمران طبقي کان موڙي ڪري گڏيل نان ايشوز ڏانهن ڇڪرائي وڃي.ليڪن ان ۾ به انهن کي ڪا خاص ڪاميابي ناهي ملي رهي ۽ امير ۽ غريب جي ڇڪتاڻ سطح تي ايتري اڀري رهي آھي ته ان ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ جي لاء اچڻ واري عرصي ۾َ حڪمران ان کي ٽوڙڻڻ جي لاء سخت حملا ڪن ۽ پنهنجين آزمايل هٿيارن سان هٿياربند ٿي رجعتي قوتن کي مڪمل رياستي طاقت جي تحت اڀاريو ويندو.
رات جو پوئيون پهر سڀ کان وڌيڪ اونداهو به هوندو آھي.ليڪن ان کانپوء هڪ روشني نروار ٿيندي آھي.جيڪا ان ٻاٽ اونداهيء کي چيريندي هڪ نئين صبح جو پيغام ڏيندي آھي.موجوده حڪمرانن جا مزدورن.هارين ۽ شاگردن تي ٿيڻ وارا بدترين ظلم به ان روشني جي خوشخبري ڏئي رهيا آھن.محنت ڪش طبقو انهن ظلمن جو فيصلي وارو جواب سوشلسٽ انقلاب سان ئي ڏئي سگهي ٿو.جنهن جي لاء حالتون تيزي سان تيار ٿي رهيون آھن.ڇاڪاڻ ته ان کانسواء غريب طبقي جي لاء ڪو ٻيو رستو ئي ناهي رهيو ؟؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو