ڏکڻ آفريقا خلاف هوم سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا جي خلاف سيريز جي لاءِ 20 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.ڏکڻ آفريقا جي خلاف هوم سيريز جي لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان چيف سليڪٽر محمد وسيم ڪيو ۽ ان موقعي تي ان جو چوڻ هو ته خوشي آهي ته هڪ وڏي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي. اڳوڻي ٽيسٽ رانديگر جو چوڻ هو ته ڏکڻ آفريقا جي خلاف سيريز جي لاءِ قومي ٽيم سان شاداب خان ۽ نسيم شاهه کي فٽنس مسئلن سبب ڊراپ ڪيو ويو آهي.جڏهن ته شان مسعود، حارث سهيل ۽ محمد عباس کي اسڪواڊ جو حصو نه بنايو ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته سهيل خان پلان جو حصو آهي پر هن وقت ٽيم ۾ ان جي جڳهه ناهي بڻجي رهي. جڏهن ته فاسٽ بالر حسن علي سٺو ڪم بيڪ ڪيو ۽ ڪارڪردگي ڏيکاري ان لاءِ کيس ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته سعود شڪيل هر ليول تي پرفارمنس ڪري ٽيم ۾ جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.قومي ٽيم جي اڳواڻي بابر اعظم ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ محمد رضوان، عابد علي، عمران بٽ، اظهر علي، فواد عالم، سرفراز احمد، فهيم اشرف، ياسر شاهه، شاهين شاهه آفريدي، عبدالله شفيق، آغا سليمان، سعود شڪيل، ڪامران غلام، ساجد خان، تابش خان، حارث رئوف، ايم نواز، نعمان علي ۽ حسن علي شامل آهن. پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي شروعات 26 جنوري کان ڪراچي ۾ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو