ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر)ڏکڻ آفريقا جي خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ جي لاءِ 17 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو.ڏکڻ آفريقا جي خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ جي لاءِ 17 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن موجب اظهر علي، بابر اعظم، فواد عالم، اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد ۽ سعود شڪيل کي به اسڪواڊ جو حصو بنايو ويو آهي.ٻين رانديگرن ۾ عابد علي، عمران بٽ، فهيم اشرف، محمد نواز، محمد رضوان، نعمان علي، ساجد خان، ياسر شاهه، حارث رئوف، حسن علي، شاهين شاهه آفريدي ۽ تابش خان به 17 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل آهي.واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي شروعات 26 جنوري تي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿي رهي آهي ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان هيڊ ڪوچ جي صلاح مشوري سان ميچ جي لاءِ پليئنگ اليون جي چونڊ ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو