ڏکڻ آفريقا ٽيم جون ڪورونا رپورٽون ناڪاري اچي ويون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي دوري تي آيل ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن ۽ مينجمينٽ جون ڪورونا رپورٽون ناڪاري اچي ويون آهن.ڏکڻ آفريقا ڪرڪيٽ ٽيم جي ميڊيا مئنيجر ٻڌايو ته ڪراچي پهچڻ کان پوءِ ڏکڻ آفريقا ڪرڪيٽ ٽيم جي سمورن رانديگرن ۽ مينجمينٽ جون ڪورونا ٽيسٽون ٿيون هيون ۽ سڀني جون رپورٽون ناڪاري آيون آهن.ڏکڻ آفريقي رانديگرن ۽ مينجمينٽ اسٽاف جو ٻيون ڪورونا ٽيسٽ 20 جنوري تي ٿينديون. جڏهن ته ڏکڻ آفريقي جون مهمان ٽيمون هوٽل ۾ 5 ڏينهن قرنطينه ۾ رهندا ۽ قرنطينه دوران هوٽل سان لاڳاپيل ڪراچي جيم خانه گرائونڊ تي پريڪٽس ڪندي.ٻئي طرف ڪورونا ٽيست کان پوءِ ڏکڻ آفريقي ٽيم نيشنل اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس ڪندي. پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا 26 جنوري تي پهرين ٽيسٽ  ميچ ۾ آمهون سامهون ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو