پشاور (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ وزيرستان ۾ ٽن مکيه شاهراهن تي صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو، ڊپٽي ڪمشنر موجب، عزيز آباد چوڪ کان جنڊولا تائين روڊ ڪرفيو جي ڪري بند رهندو، ۽ لڌا کان مڪين تائين روڊ به ڪرفيو جي ڪري بند رهندو،بي بي رگزئي کان جنڊولا تائين به ڪرفيو لاڳو رهندو، جنهن جي ڪري روڊ بند آهي،ٻئي طرف، اتر وزيرستان جي رزمڪ سب ڊويزن ۾ صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين ڪرفيو لاڳو ڪيو ويندو. شندوري نواز پل کان ميلوگئي پل تائين ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي،ضلعي انتظاميا موجب، دوسالي تحصيل ۾ گردائي کان خرسين تائين روڊ به ڪرفيو سبب بند آهي.
