فوجي چوڪي تي خارجين جو حملو ناڪام، دهشتگرد ماريا ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ وزيستان جي علائقي جنڊولا ۾ پاڪ فوج جي پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو. سڪيورٽي ذريعن موجب، خارجي دهشتگردن پاڪ فوج جي پوسٽ تي حملو ڪيو، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حملو دوران هڪ آپگهاتي بمبار گاڏي ۾ ويهي ايف سي ڪئمپ جي ويجهو پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. سڪيورٽي اختيارين موجب، پاڪ فوج جي بهادر جوانن دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندي 8 کان 9 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو