ڏکڻ وزيرستان (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ وزيرستان جي علائقي تورا گولا ۾ فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.ڊي پي او موجب، شهيد پوليس اهلڪار عمران پوليس لائنز، وانا ۾ مقرر هو.ٻئي طرف، دهشتگردن ٽانڪ ۾ ڊيورنڊ گيٽ جي ويجهو پوليس پوسٽ تي حملو ڪيو.پوليس جي جوابي فائرنگ کان پوءِ حملي آور فرار ٿي ويا.ڊي آءِ خان رٽا ڪلاچي ۾ پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ۾ هڪ ٻيو حملو ٿيو جنهن ۾ حملا آور ماريو ويو ان دوران ڪرڪ جي جبل واري علائقي بهادر خيل ۾ پوليس ۽ سي ٽي ڊي گڏيل آپريشن ڪيو ۽ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪري ڇڏيو.
