حيدرآباد: (ن س) حيدرآباد ۾ پڃاري ٿاڻي جي حد ۾ هڪ افسوسناڪ حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ 10 ورهين جو مدثر ولد محمد علي فوت ٿي ويو. فوت ٿي ويل نينگر سونار گلي ڀرسان مندر جي علائقي جو رهواسي هو. فوتي جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.افسوسناڪ واقعو انهي وقت پيش آيو جڏهن فونيڪس ڪمپني جي تيز رفتار گاڏي جيڪا بينڪ جي ڪيش رقم کڻي وڃي رهي هئي انهي جي هيٺيان اچي معصوم مدثر حياتي وڃائي ويٺو. نينگر جي فوت ٿيڻ کان پوءِ علائقي جي رهواسين روڊ بند ڪري احتجاج پڻ ڪيو. حادثي جي اطلاع تي علائقي ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي.انهي موقعي تي فوتي جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان ڪيترائي ڀيرا ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين اختيارين اڳيان دانهي چڪا آهيون ته وڏين گاڏين جي داخلا بند ڪئي وڃي پر ان باوجود اسان جي فرياد تي ڪنهن به قسم جو عمل نه ٿي سگهيو جنهن کان پوءِ اهو واقعو پيش آيو، فوتي جي وارثن موجب نينگر روڊ ڪراس ڪري رهيو هو ته موٽر سائيڪل جي ٽڪر سبب نينگر بينڪ جي وين سان ٽڪرائجي وين جي ٽائرن هيٺيان اچي ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.ان حوالي سان علائقي جي رهواسين جو چوڻ هو ته ڦاٽڪ ڀرسان پوليس وارا بيٺل هوندا آهن پر اهي وڏين گاڏين وارن کان 500 کان 1000 روپيه وٺي ڇڏي ڏيندا آهن اسان ڪيترائي ڀيرا پوليس وارن کي روڪيو آهي ته اڳيان روڊ ننڍو آهي اچ وڃ گهڻي آهي پر ان باوجود پوليس وارا صرف ڪمائي جي چڪر ۾ هوندا آهن انهن کي صرف پئسن سان مطلب هوندو آهي پوليس وارن جي لاپرواهي سبب اهو حادثو پيش آيو آهي.رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او پڃاري ٻڌايو ته اسان کي اطلاع ملي ته ڦليلي ٽانگا اسٽينڊ ۾ حادثو پيش آيو آهي اسان واقعي واري هنڌ پهتاسين ته اتي فونيڪس ڪمپني جي گاڏي بيٺل هئي جيڪا ايم سي بي بينڪ جي ڪيش کڻي وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو اسان وين کي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو آهي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
عارف علوي کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم
صدر مدرسي واري بل تي آئيني مدو گذرڻ کان پوءِ اعتراض ڪيو،مولانا
سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف مزاحمت ڪنداسين: رياض چانڊيو
عبدالقادر شيخ پاران صحافي جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت،دعا
ڦليلي ٽانگا اسٽينڊ تي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ معصوم نينگر فوت
توشه خانا ڪيس 2، پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي تي فرد جرم لاڳو
وزيرن جي غير حاضري، ڊپٽي اسپيڪر پاران ايوان نه هلائڻ جو اعلان
سنڌ جي 5 ضلعن جا ڊي سي ۽ اهم عهدن تي مقرر آفيسر تبديل
جيڪو فوج ۾ ناهي، ان تي فوج جا ضابطا ڪيئن ٿا لاڳو ڪري سگهجن؟
گڏيل قومن مان غزا ۾ فوري جنگ بندي جو ٺهراءَ منظور
پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان دنيا جو بهترين ملڪ آهي
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي برقرار، انڊيڪس هڪ لک 14 هزار جي حد پار
ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي
جيڪب آباد واسي فوجي جوان دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد
لولائي شاخ وٽ مقابلو ، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار
سنڌڙيءَ ۾ گيس ليڪيج سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان فوت
بازئي فيصلو ڪالعدم، صاحب جو حڪم آيو ڪميشن ڪري ڇڏيو
صدر زرداري سان چيني واپاري وفد جي ملاقات،سيڙپڪاري بابت ڳالهيون
توشه خانه 2، ايف آءِ اي بشريٰ جي ضمانت رد ڪرائڻ ۾ ناڪام
نقوي سان خٽڪ جي ملاقات،گڏيل مامرن تي ڳالهيون