ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان جي پهرين “ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي” جو مسودو منظور ڪيو ويو. سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي داخلا فارمن ۾ مرد ۽ عورتن سان گڏ ٽرانس جينڊر ٻارن لاءِ به خانو شامل ڪرڻ ۽ استادن جي ڀرتين دوران نوڪرين ۾ ڪوٽا مقرر ڪرڻ کي پاليسي جو حصو بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاليسي کي قانوني حيثيت ڏيڻ لاءِ ڪابينا کان منظوري وٺتي ويندي. ان حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سنڌ زاهد علي عباسي، چيف ايگزيڪيوٽو ايڊوائيزر فوزيه خان، ڊائريڪٽر نان فارمل ايجوڪيشن عبدالجبار مري، ڊپٽي ڊائريڪٽر عاطف وگهيو، ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته 2023 جي آدمشماري مطابق پاڪستان ۾ ٽرانس جينڊر ماڻهن جو تعداد 20,331 آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ 4,222 ماڻھوڻ ٽرانس جينڊر ڪميونٽي سان واسطو رکن ٿا. اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن ڪميونٽي جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري تنظيم “Charity Trans Action Pakistan” جي انگن اکرن مطابق اهو انگ 250,000 جي لڳ ڀڳ آهي. ان کانسواءِ يو ايس ايڊ جي تحقيق مطابق ڪميونٽي جي 42 سيڪڙو ماڻهن معمولي تعليم ۽ 40 سيڪڙو ماڻهن کي تعليم تائين پھچ بلڪل به حاصل نه آهي. پاليسي مسودو تيار ڪرڻ لاءِ ڪميونٽي جي نمائندن سان ٿيل تحقيق ۽ صلاح مشوري جي آڌار تي سنڌ ۾ کدڙن فقيرن جو تعداد 22,065 آهي. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آھي ته پاڪستان ۾ ٽرانس جينڊر ماڻهن جي تعليم سان لاڳاپيل ڪيترائي چئلينج آهن، هن چيو ته ٽرانس جينڊر ماڻهن کي اڪثر سماجي سطح تي تعصب، بدسلوڪي، ۽ ڌڪار کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جيڪو انهن جي تعليم تائين رسائي ۾ رنڊڪ بڻجي ٿو. هن اهو پڻ چيو ته تعليم جي خرچن کي پورو ڪرڻ انهن لاءِ اڪثر مشڪل هوندو آهي، جنھن سبب ٽرانس جينڊر ماڻهن کي روزگار جا بهتر موقعا نه ملي سگھندا آهن. صوبائي وزير واضع ڪيو ته پاليسي جي مدد سان ٽرانس جينڊر ماڻهن لاءِ اسڪولن ۾ خاص ماحول ۽ نان فارمل ايجوڪيشن ٽريننگ سينٽرز قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. استادن کي ٽرانس جينڊر ٻارن جي سڃاڻپ، نفسياتي ضرورتن، ۽ تعليمي چئلينجن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ پڻ تربيت ڏني ويندي. پاليسي ۾ ٽرانس جينڊر ماڻهن لاءِ هنر سيکاريندڙ پروگرامز کي به شامل ڪيو ويندو ته جيئن وڌيڪ اثرائتا نتيجا حاصل ڪري سگهجن. سنڌ جي تعليم واري وزير چيو ته پاليسي ۾ ٽرانس جينڊر شاگردن لاءِ اينٽي هراسمنٽ ماحول کي ھٿي ڏيڻ تي زور ڏنو ويو آهي. پاليسي کي منظوري ملڻ کان پوءِ ٽرانس جينڊر ماڻهن جي حقن ۽ برابر موقعن جي اهميت بابت عوام ۾ آگاهي مهم به هلائي ويندي. وزير چيو ته ٽرانس جينڊر ٻارن لاءِ اسڪولن ۾ سپورٽ گروپ قائم ڪيا ويندا ته جيئن اهي سماجي دٻاءُ جو مقابلو ڪري سگهن. هن واضع ڪيو ته تعليم ذريعي ٽرانس جينڊر ماڻهن کي باعزت روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا، ۽ اهڙا قدم نه رڳو انهن جي تعليمي سفر کي آسان بڻائيندا، پر سماجي شعور ۾ به اضافو ڪندا. ھي پاليسي ٽرانس جينڊر ٻارن جي تعليم کي يقيني بڻائڻ ۽ ڪنهن به قسم جي مت ڀيد واري سلوڪ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. غريب کدڙن فقير ماڻهن کي تعليمي وسيلا فراھم ڪرڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کامىن پڻ مدد ورتي ويندي، اجلاس جي پڄاڻي تي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ چيو ته پاليسي کي قانوني شڪل ملڻ کان پوءِ ٽي وي، ريڊيو، سوشل ميڊيا، ۽ اخبارن ۾ ٽرانس جينڊر ٻارن جي تعليم جي اهميت بابت مهم پڻ هلائي ويندي.
وفاقي سرڪار نه عزت ڏئي ٿي نه معاهدن تي عمل ٿي ڪري: بلاول ڀٽو
چينين جي سڪيورٽي لاءِ چين مان ٽيمون اچڻ جون ڳالهيون غلط آهن
هرنائي ۾ فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا
پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست
پي ٽي آءِ ٻيهر ملڪ کي يرغمال بڻائڻ چاهي ٿي، ميمڻ
پنجاب ۾ ڪوهيڙي جي صورتحال برقرار، لاهور سڀني کان اڳتي
شاهه سان گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل جي ملاقات
ايل پي جي جي قيمت 350 رپيا في ڪلو کان وڌي وئي
ڊي جي خان: زرتاج گل جي ضمانت منظور
بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي اصل قيمت وصول ڪئي وڃي
پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندا: گوهر
پي ٽي آءِ باني پاڻ کان ٻاهر نڪري پاڪستان جو سوچي:وهاب
ريتي بجري جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر جو احتجاج مس ڪال ثابت ٿيندو
غزه ۾ حملا ،24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطيني شهيد، 182 زخمي
قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج
توشه خانه 2 ڪيس، خان ۽ بشرا جي بريت واري درخواست رد
ظلم برداشت ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون: گنڊاپور
آئيني بينچ جي پهرين ٻڌڻي،ماحولياتي آلودگي بابت رپورٽ طلب
ايف آءِ اي ڪراچي مان هنڊي جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو