کنڀي گم ڪيل 3 ڄڻن بابت پوليس ۽ رينجرز کان جواب طلب

ڪراچي (شهزادو مستوئي) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ ڪراچي مان ٽن شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ  خلاف داخل درخواستن تي سنڌ جي گهرو کاتي جي سيڪريٽري،  آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کان 22 جنوري تي جواب طلب ڪيو آهي. عدالت نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم اربع تي گم ٿيل رفيق، رميز حسين ۽ عمران جي وارثن پاران داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران ڏنو. عدالت  رمارڪس ڏيندي چيو ته گم ٿيل شهرين جي  حياتين کي خطرو ٿي سگهي ٿو جنهن ڪري کين جلد بازياب ڪرايو وڃي. داخل ڪيل درخواستن ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڄاڻايل شهرين کي جيڪب لائن، ايف سي ايريا ۽ رام سوامي جي علائقن مان گم  ڪيو ويو آهي جن کي  ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود کين بازياب نه ڪرايو ويو آهي ۽  نه ئي ان سلسلي ۾ پوليس ۽ ٻيا ادارا سندن بازيابي لاءِ سهڪار ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو