کوجي ڪتي جي مدد سان 6 لک جو شڪي چور گرفتار

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) پوليس کوجي ڪتن جي مدد سان 6 لک روپين جي چوري جي شڪ ۾ نظر محمد بهلڪاڻي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏو. غوثپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ نور بخش بهلڪاڻي  ۾ اڻڃاتل چور هڪ ڏينهن اڳ رحمت الله بهلڪاڻي جي گهر ۾ گهڙي پيتين جا تالا ٽوڙي  ڇھ لک روپيا چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا هئا. متاثر ڳوٺاڻن پاران کوجي ڪتا گهرائي پيرا کنيا ويا ته هڪ ڪلاڪ تائين رٽا؟رڊ فوجين جو تربيت يافته ڪتو چورن جا پيرا کڻي ساڳئي ئي  ڳوٺ جي رهواسي  محمد حسن بهلڪاڻي جي گهر ۾ وڃي پيرو وڌو، جتي پوليس پهچي نظر محمد بهلڪاڻي کي گرفتار ڪري  لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ان کان اڳ ڳوٺاڻن علائقي ۾ چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ اضافي خلاف احتجاج ڪيو ۽ چيو ته پوليس جي سستي جي ڪري ڏوهه وڌي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو