ڪئنالن تي سنڌ واسي حڪمرانن کي اقتدار ۾ رهڻ نه ڏيندا: چانڊيو

حيدرآباد (ن س)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، عزيزالله ڀٽو، نواز شاھ ڀاڏائي، غفارميرجت، پنهل جمالي، ذوالفقار بليدي، اياز سولنگي ،سلطان دل گڏيل بيان ۾ چيو آھي پيپلزپارٽي سدائين سنڌ دشمن فيصلا ڪيا آھن چئني صوبن ۾ پ پ پ جا گورنر اٿن سينٽ چيئرمين به اٿن اگر فيصلو واپس وٺڻ چاهين ته واپس وٺي سگهن ٿا پر ائين نه پيا ڪن سنڌ جي ماڻھن درياهه جي تحفظ ۽ ڪئنالن خلاف گڏيل رد عمل ڏيکاريو آھي ڪارپورٽ فارمنگ جي نالي تي ڍنڍن ڍورن سياحتي هنڌن ۽ جبلن تي قبضو قبول ناهي هنن چيو ته وڏو وزير مراد علي شاھ سنڌ اسيمبلي ۾ روز نيون ڳالهيون ۽ روز نوان بهانا ۽ نوان بيان ڏئي ٿو، بلاول زرداري جو سيڪريٽري ماڻھن کي اهي ڌمڪيون ٿو ڏي ته درياهه جي تحفظ جي ڳالھ ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪيا ويندا خراج آھي عورتن ٻارڙن قانوندانن کي جن درياه جي مسئلي تي پاڻ ملهايو آھي اپريل مهينو فيصلاڪن ثابت ٿيندو ڪئنالن جو خاتمو ٿيندو ۽ زمينن تي ولار جا فيصلا ختم ٿيندا تنهن ڪري هي اتحاد ۽ اتفاق سنڌ کي بهتري ۽ خوشحالي طرف وٺي ويندو هنن چيو ته حڪمران درياه تي ڪئنال ٺاهڻ وارو فيصلو واپس وٺن ٻي صورت ۾ سنڌ جاماڻھو هنن کي اقتدار ۾ رهڻ نه ڏيندا

پهنجو تبصرو موڪليو