ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ايس ٽي پي سڪرنڊ باءِ پاس تي ڌرڻو

حيدرآباد: (ن س) سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سڪرنڊ بائي پاس نيشنل هاءِ تي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي. احتجاجي ڌرڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن، عورتن، مردن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ هن ملڪ جي معيشت ۾ وڏو حصو وجهندڙ آهي ملڪ جي معيشت جي شھ رڳ سنڌ آهي ائين وري سنڌو درياءِ سنڌ جي شھ رڳ آهي جنهن جي پاڻي سان نه صرف زمينون آباد ٿين پيون پر سنڌ جو انسان، حيوان سميت هر جيوت سنڌو جي پاڻي تي زنده آهي جيڪڏهن سنڌو درياءِ سنڌ کان کسيو ويو ته سنڌ نه صرف بنجر بڻجي ويندي پر اجتماعي قبرستان بڻجي ويندو. سنڌو درياءِ عظيم تهذيب ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ جو وارث آهي. هڪ سازش تحت سنڌ کان سنڌو کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن حڪمرانن کي ماضي مان حاصل ڪرڻ گهرجي. ماضي ۾ جنرل ضياءِ کان مشرف ۽ نواز شريف تائين جيڪي به آمر ۽ حڪمرانن به ڪالاباغ ڊيم جي منصوبي سان سنڌو کسڻ جي سازش ڪئي پر کين ناڪامي نصيب ٿي. هاڻي به سنڌ جا ماڻهو پنهنجي سنڌو درياءِ تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. سنڌ سان پاڻي جي معاملي تي جيڪي معاهدا ڪيا ويا انهن تي عمل نه ڪيو ويو. 1991 جي معاهدي مطابق ٻارنهن مهينا ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو. پر اهو پاڻي نٿو ڏنو وڃي جنهن سبب انڊس ڊيلٽا مڪمل تباہ ٿي ويو آهي سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. سنڌ سان مسلسل ويساہ گهاتيون ڪيون ويون آهن.ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته پ پ پ حڪومت ڊرامي بازي بند ڪري وفاقي حڪومت سندس ڪلهن تي بيٺل آهي اها جيڪڏهن سنڌو جي معاملي خاموش ويٺي ته سنڌ کيس ڪڏهن معاف نه ڪندي. هن چيو هي احتجاجي تحريڪ ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين سنڌو درياءِ مٿان ڪئنال جوڙڻ وارو منصوبو ختم نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته 24 نومبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو سنڌ جا ماڻهو ان ڏينهن پنهنجي سنڌو درياءِ جي وارثي جي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري حڪمرانن کي نياپو ڏيندا ته سنڌ ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياءَ تي ڌاڙو قبول نه ڪندا.هن چيو 8 ڊسمبر تي سنڌي قوم ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏيندا. ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن حيدر شاھاڻي، نثار ڪيريو، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، گلزار سومرو، ڊاڪٽر احمد نوناري، امتياز سمون، ڊاڪٽر سومار مڱريو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو