حيدرآباد (ن س) سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي حيدرآباد هٽڙي بائي پاس تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري ڌرڻي جي اڳواڻي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪري رهيو هو. احتجاجي ڌرڻي ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن کانسواءِ مردن عورتن ۽ ٻارڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي سبب هاءِ وي تي هلندڙ سموري ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. احتجاجي ڌرڻي ۾ شامل هزارين ماڻهو سنڌو درياءَ ٿي ڪئنال جوڙڻ واري منصوبي خلاف سخت نعريبازي ڪندا رهيا. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌو درياءَ سنڌ جي شھ رڳ آهي ان کي بند ڪرڻ 6 ڪروڙ انسانن جو قتلام ڪرڻ ٿيندو ۽ سنڌ اجتماعي قبرستان بڻجي وڃي. جيستائين هڪ ٻه سنڌي زنده آهي تيستائين سنڌو درياءَ هاڻي ڪنهن کي به ڪو ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهڻ نه ڏيندو. ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ نواز شريف کان پڇا ڪري جڏهن ايٽمي ڌماڪن کانپوءِ هن ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ اعلان ڪيو ته سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي سياسي جدوجھد کان ويندي مذاڪرن تائين کين شڪست نصيب ٿي نيٺ مجبور ٿي نواز شريف ڪالاباغ ڊيم جو اعلان واپس ورتو. جنرل مشرف به وڏا خواب ڏٺا پر سنڌي ماڻهن ان کي ڊيم ٺاهڻ نه ڏنو. انڪري شهباز شريف کي ماضي مان سبق سکڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته پ پ پ سدائين سنڌ دشمن فيصلا ڪندي رهي آهي. جڏهن به پ پ پ اقتدار ۾ آئي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن سنڌ دشمن فيصلي سان پنهنجي اقتدار جي قيمت ڏيندي آهي. هن دفعي صدارتي ڪرسي جي قيمت سنڌو درياءَ جي پاڻي تي زرداري ادا ڪري رهيو آهي. آصف زرداري کي نه وسارڻ گهرجي ته هو سنڌي ماڻهن جي ووٽ سان ايوانن تائين پهتا آهن جيڪڏهن هو سنڌ جي مرضي خلاف فيصلا ڪندا ته کين سنڌ جو عوام معاف نه ڪندو. سنڌو درياءَ جي پاڻي تي سنڌ جو حق آهي. ماضي ۾ هنن حڪمرانن پاڻي جي حوالي سان جيڪي معاهدا ڪيا آهن انهن تي عمل ناهي ٿيندو. سدائين سنڌ سان دوکو ڪري سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو ويندو آهي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ معاهدي تحت 12 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ٻارنهن مهينا لازمي ڇڏڻو آهي پر اسان کي اهو پاڻي نٿو ملي جنهن ڪري سموري انڊس ڊيلٽا تباھ ٿي وئي آهي.سنڌو درياءَ تيزي سان زمين پي کائيندو اڳتي وڌي رهيو آهي. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ سبب زراعت کي ڪاپاري نقصان رسيو آهي اڃان به وڌيڪ ڪئنال جوڙيا ويا ته سنڌ ڀڙڀانگ ٿي ويندي جنهن سان نه صرف سنڌ ۾ انسان پر هر ساه واري جيوت سخت متاثر ٿيندي.ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هي حڪمران هوڏ تان نه لٿا ته ان جو نقصان هن ملڪ کي ٿيندو. پ پ پ جيڪڏهن هن سنڌ دشمن منصوبن ۾ شريڪ ناهي ته ڇو نٿي وفاقي حڪومت سان ڳالهائي جيڪا سندس سهاري تي بيٺل آهي. هن چيو ته اسان جي هي احتجاجي تحريڪ تيستائين جاري رهندي جيستائين ڪئنال ٺاهڻ وارو اعلان واپس نه ورتو ويندو هن چيو ته 20 نومبر تي سڪرنڊ بائي پاس تي ڌرڻي کانپوءِ 24 نومبر تي ڪراچي ۾ لکين سنڌي گورنر هائوس اڳيان گڏ ٿي وفاق کي پيغام ڏيندا ته سنڌ خلاف سازشون بند ڪيون وڃن. ان موقعي تي ڌرڻي کي نثار ڪيريو، ھوت خان گاڏهي ، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ،قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري جان محمد جوڻيجو خطاب ڪيو.
سنڌيار سکر 13 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 13 نومبر 2024ع
عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر شھيد
واٽر ڪارپوريشن جي ماهوار آمدني ۾ 65 سيڪڙو اضافو
وڪيلن جا پنهنجي اصيلن تي 609 ڪيس، عدالت کي ڳڻتيءَ
آئيني بئنچ سامهون ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو
شڪارپور ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت
موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي فنڊ مختص ڪرڻ جو مطالبو
سنڌ ۾ ضمني مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 14 نومبر تي ٿيندي
گلگت کان چڪوال ويندڙ ڄاڃين جي بس سان حادثو، 18 ڄڻا فوت
صوبي ۾ دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ ناممڪن ٿيندي پئي وڃي:بگٽي
يوٽيوب وڊيوز ۾ نئين تبديليءَ واهپيدارن کي چيڙائي ڇڏيو
27 لک پاڪستانين جو نادرا مان رڪارڊ چوري ٿيڻ جو انڪشاف
عمران خان سان ملاقات لاءِ آيل اڳواڻ گرفتاري بعد آزاد
پوليس لائنز مسجد ۾ آپگهاتي بمبار جو مُک سهولتڪار گرفتار
سرمائيڪاري جي اوٽ ۾ فراڊ، نيب سميت ٻين جا بيان حلفي طلب
محافظ به غير محفوظ، هٿياربند جي پوليس اهلڪارن کان ڦر
حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، ٻه جوابدار گرفتار
سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف ڀرپور آپريشن
ايئرپورٽ حملي ڪيس جي جوبدارن جو جسماني رمانڊ منظور