ڀريا سٽي (ن س) جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته ڪينالن جي معاملي تي پ پ وارا منافقت ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڀريا ڀرسان فوت ٿي ويل سنڌي ادبي سنگت جلباڻي شاخ جي سيڪريٽري شاعر ۽ اديب عبدالله شاد جلباڻي جي وارثن پروفيسر عطاالله جلباڻي ۽ ٻين سان تعزيت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.مرتضيٰ جتوئي چيو ته سنڌو درياهه تي ڪينال اڏڻ خلاف سڀ کان پهريان احتجاج جي ڊي اي ڪيو ۽ اڳتي به ڪنداسين. هن چيو ته ڪينالن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي، پ پ وارا منافقت ڪري رهيا آهن، اهي يا ڪينال جي حمايت ڪن يا مخالفت ڪن. هن چيو ته پيپلزپارٽي عوام جي سخت احتجاج کانپوءِ ڪئنالن تي شايد يو ٽرن ورتو آهي، پر ڪئنالن جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي تي اعتبار نه ڪندا. سندس چوڻ هو ته جتوئين ڪڏهن به منافقت ناهي ڪئي، اسان پرويز مشرف جي آڏو به ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي هئي.
