ڪئنال رٿا پاڪستان ٽوڙي ڇڏيندي:جونيئر ذوالفقار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو آهي ته مان منافعي لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ کي رد ڪريان ٿو،پاڪستان ۾ ڊيمن،ڊي نيشنلائزيشن ۽ نجڪاري جي نالي تي 75سالن کان منافعو ڪمايو پيو وڃي،پي ايم اي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته مان وينزويلا ۽ ڪولمبيا کي خراج پيش ڪندس جيڪي اڃا به سوشلزم لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن اتي ڪارپوريٽ نه پر ڪوآپريٽو بنياد تي هارين لاءِ رٿائون هلي رهيون آهن،هن چيو ته تربيلا ڊيم کانپوءِ ملڪ ۾ ماحولياتي تبديليون شروع ٿيون،سنڌوءَ تي ڊيمن سبب ماحوليات کي نقصان پهتو،هاڻي توهان چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو جو پاڻي کڻي رهيا آهيو،ڪئنالن جي اشو کي قومپرستي ڪوٺيو پيو وڃي مان اتفاق نه ڪندس،اهو پاڪستان جو اشو آهي،مان چوندس ته پاڪستان زنده باد،سنڌ آباد،سنڌو درياهه زندهه آباد، جيڪڏهن رياست وي پي اين، ٽوئيٽر، يوٽيوب کي غيراسلامي قرار ڏئي ٿي ته سنڌو جو ڊيلٽا خالي رکڻ کي غيراسلامي قرار ڇو نٿي ڏئي؟توهان سنڌوءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪي قدرت جي نظام سان ٽڪر کائي رهيا آهيو،منگلا ڊيم جي توسيع سان انڊس بيسن تي خطرناڪ اثر پوندا،سنڌ تي اثر پيا آهن هاڻي پنجاب کي به ان جو احساس ٿيندو هن چيو ته ڇهن ڪئنالن تي چولستان جا رهواسي به احتجاج ڪري رهيا آهن،هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ کي اهو احساس ئي نه ٿيو ته اهي ڪهڙي رٿا تي صحيح ڪري رهيون آهن؟پ پ هاڻي عوامي ردعمل تي آواز پئي اٿاري پر ان اسان جي درياهه،ٻيلن،جبلن،آبي حيات جو سودو ڪري ڇڏيو آهي،زمينون نه رکندڙ پنجابين ۽ سنڌين سان ظلم ٿي رهيو آهي ڪئنال رٿا پاڪستان کي ٽوڙي ڇڏيندي،مان رٿا جي حمايت نه ڪندس،مان پنهنجي شهيد ڏاڏي،پڦي ۽ شهيد والد جي وفاق ۾ يقين رکان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو