ڪئنال قبول ناهن، سنڌو درياه اسان جي ماءُ آهي

شهدادڪوٽ(ن س)شهدادڪوٽ ۾ سنڌو درياء تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ خلاف اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي (جونيئر ذوالفقارڀٽو) جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو، عنايت عمراڻي، منير بروهي، وزير کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سبزي منڊي کان ڪوٽوموٽو چوڪ تائين زبردست ريلي ڪڍي وئي،ريلي ۾ وڏي انگ ۾ شهيد ڀٽو ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جهنڊا ۽ بينر کڻي شرڪت ڪئي، ڪارڪنن ۽ شهرين پاران جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو مٿان گلن جو پتيون نڇاور ڪيون، جونيئر ذوالفقارعلي ڀٽو درياء بچايو، ملڪ بچايو جا نعرا لڳرايا، ريلي کي خطاب ڪندي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياه ڪشمير کان ويندي سمنڊ تائين پکڙيل آهي، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو وڌيڪ چيو ته سنڌو درياه اسان جي ماء آهي جيڪو ملڪ جي لاء انتهائي ضروري آهي، سنڌو درياه مان 6 نوان ڪئنال اڏي سنڌ کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،ريلي ۾ قراردات منظور ڪئي وئي ته سنڌو درياه تي 6 نوان ڪيئنال اڏن بند ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو