ڪئنال معاملي تي ن ليگ جا ارسطو اڃا بڪواس ڪن پيا: سسئي

ٺٽو (ن س ) سسئي پليجو چيو ته سنڌ اسيمبلي ڪئنالن خلاف دير سان ٺهراءُ منظور ڪيو پر درست ڪيو، پر ان کانپوءِ اڳتي ڇا ٿيندو؟ احسن اقبال ۽ نواز ليگ جا ٻيا ارسطو اڃا تائين بڪواس ڪري رهيا آهن. ن ليگ منصوبو رد نٿي ڪري ته پوءِ پيپلزپارٽي وفاقي سرڪار جي حمايت واپس وٺي اپوزيشن ۾ ويهي رهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندا چولستان ڪئنال جو نالو کڻڻ کان ڊڄي ڇو رهيا آهن؟ خواهش هئي ته ٺٽي جو ڪو به ڪو نمائندو ان ٺهراءُ تي ڳالهائي ها. سندس چوڻ هو ته اسان ڪارپوريٽ فارمنگ جا به مخالف آهيون، ان تي به ٺهراءُ اچڻ گهرجي، جيڪي به رد ڪيل ڪئنال آهن، سنڌ تي ڌاڙو آهن. سنڌ کي ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪرڻ جي سياسي ۽ معافي سزا ڏني پئي وڃي. هن خبردار ڪيو ته مريم نواز، احسن اقبال، راڻا ثناءُالله ۽ طلال چوڌري ٻڌي ڇڏين ته اوهان هي منصوبو ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب نه ٿيندا، ان کي رد ڪرائينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو