ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو

وارھ ( ن س) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ آئيس منشيات جا اڏا ھلن ٿا ،پر اسڪول اسپتال کي بهتر نٿا ھلائي سگهن ،پنجاب جي بالادستي ۽ زرداري نواز شريف ،شهباز شريف جي وحشت جاري آھي ،سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آھي ، پنجاب جو ھڪ ڪئنال به وڌيڪ نڪتو ته سنڌ ۾ بک ۽ بدحالي وڌي ويندي سنڌ جا ماڻهو ۾ اڃ ۽ بک وگهي مرندا، اڃا ڪئنال وھڻ شروع ئي نه ڪيو آ ته سنڌ ۾ پاڻي جي وڏي کوٽ اچي وئي آھي، ساڄي پاسي جا ڪئنالن کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي ، ھن سال ۾ رائيس ڪئنال کي گهربل 13ھزار ڪيوسڪ مان سڄي سيزن ۾ صرف6ھزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو، نه 45ع جي ٺاھ تي عمل ٿيو ۽ نه ئي 91جي ٺاھ تي ،سنڌي قوم نوان جڙندڙ سمورن ڪئنالن کي رد ڪندي ان جي سخت مذمت ٿي ڪري حڪمران ھوڏ تان نه ھٽي سنڌ قوم کي مذاھمت تائين نه پهچائي رھيا آھن ،ھن چيو ته 17سالن کان ڦورو پيپلا، وڏيرا جاگيردار دولت مند مالدار ٿي رھيا آھن، صدر آصف زرداري جي حڪومت ذريعي تباھي طرف ڌڪيو ويو آ ،ڪراچي ۾ افغاني اسان جا ڳڀرو پٽ قتل ڪري رھيا آھن،پ پ حڪومت ھڪ ڀيرو ٻيهر ٻٽو نظام آندو پيو وڃي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو