اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت سولر سسٽم استعمال ڪندڙ صارفين تي اضافي ٽيڪس جي منظوري روڪي ڇڏي ۽ نيٽ ميٽرنگ پاليسي تي نظرثاني جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي وزيرن سولر استعمال ڪندڙ صارفين تي اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. انهن توانائي واري وزير کي نيٽرڪ ميٽرنگ پاليسي تي نظر ثاني جي هدايت ڪري ڇڏي آحي.ياد رهي ته نئين نيٽ ميٽرنگ پاليسي جي تحت صارفين کان صرف 10 روپيه فري يونٽ بجلي جي خريداري ۽ ٽيڪس جون شقون شامل هيون.
