ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي خاتمي ۾ وڻن کان وڌيڪ وهيل مڇي اهم

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گلوبل وارمنگ کي روڪڻ لاءِ ماحول مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي ختم ڪرڻو پوندو. جنهن جو بهترين حل وهيل مڇيون آهن ۽ انهن جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. تازو انٽر نيشنل مانيٽري فنڊ يعني آءِ ايم ايف پاران ڪرايل هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ماحول مان ڪاربان جو مقدار گهٽ ڪرڻ ۾ وڻن کان وڌيڪ وهيل مڇين جو ڪمال آهي. ”آءِ ايم ايف ڪلائمنٽ چينج جو قدرتي حل“ جي عنوان سان ڪرايل ان اسٽڊي ۾ ايڪولوجسٽ ٿامس ڪروٿر جو چوڻ آهي ته وهيل مڇي سمنڊ اندر پيدا ٿيندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ختم ڪن ٿيون ۽ اهوئي سبب آهي ته سمنڊ جي اندر موجود باقي جيوت زنده رهي ٿي.

بمبئي بيچ تي پڪڙيل بليو وهيل مڇي، فائل فوٽو

هن موجب هڪ وهيل مڇي پنهنجي حياتي ۾ 33 ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ختم ڪري ٿي جڏهن ته هڪ وڻ 100 سال ۾ 2.4 ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ختم ڪري ٿو. عام طور تي تاثر آهي ته وڻڪاري ذريعي ئي ماحول کي ڪاربان کان پاڪ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. تازو ٿيل تحقيق بعد اها ڳالهه سامهون آئي ته وڻن کان وڌيڪ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي خاتمي جو وڏو موثر ذريعو وهيل مڇيون آهن. هڪ وهيل مڇي هزارين وڻن برابر ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ختم ڪري ٿي. اها وهيل مڇي جيڪا سمنڊ اندر آهي جڏهن ڪنهن به سبب ڪري مري ٿي ته اها سمنڊ جي تري ۾ ئي رهي ٿي ان جي موت سبب ڪو نقصان به نٿو ٿئي. عام طور تي مڇي آنا ڏيندي آهي پر وهيل مڇي بچا ڄڻي ٿي. هن جو هڪ نسل بليو وهيل هن وقت تائين دنيا جي وڏي ۾ وڏي ۽ ڳري مخلوق آهي. وهيل سمنڊ اندر ئي ٻچا ڏي ٿي ان جي ڳڻپ ميمل طور ٿئي ٿو. ياد رهي ته وهيل مڇي 8.5 فٽ کان 98 فٽ تائين ڊگهي ۽ وزن 135 ڪلو گرام کان 210 ٽن تائين ٿئي ٿو. 98 فٽ ڊگهي بليو وهيل بابت چيو ويندو هو ته اها انسان کي ڳِهي سگهي ٿي پر ماهرن جو چوڻ آهي ته ايڏي ڊگهي ۽ وزندار مڇي انسان کي ڳِهي نٿي سگهي ڇو ته بليو وهيل جي ڳچي هڪ فٽ آهي جنهن مان انسان کي ڳهڻ ممڪن ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو