ڪارساز حادثي جي جوابدار عورت جي درخواست ضمانت تي ڌريون طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارساز حادثي ڪيس جي جوابدار عورت جي منشيات ايڪٽ ڪيس ۾ درخواست ضمانت تي اسسٽنٽ پراسڪيوٽر جنرل سنڌ، جاچ آفيسر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدلت ڪيس جي جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ايس ايس پي انويسٽيگيشن ايسٽ حاضري کي يقيني بڻائي، جوابدار عورت جي وڪيل موقف ڏيندي ٻڌايو ته هن جرم ۾سزا هڪ سال يا ڏيڍ آهي، جوابدار عورت جي درخواست ضمانت ايڊيشنل ڊسڪٽرڪٽ اينڊ سيڪشن جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ رد ڪري چڪا آهن، جوابدار عورت تي آئيس جي نشي جو الزام آهي، عورت جي خلاف سرڪار جي مدعيت ۾ بهادر آباد ٿاڻي ۾ڪيس داخل آهي، عدالت ڌرين کان 30 سيپٽمبر تائين جواب گهري ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو