ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ سرڪار ۽ صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن ان ڳالھھ تي اتفاق ڪري ورتو آھي تھ سمورا لاڳاپيل ادارا ڪراچي جي ٽرانسپورٽ انفرااسٽرڪچر کي بھتر بڻائڻ لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪندا، ڌرين قانون جي نفاذ کي يقيني بڻائڻ ۽ ڪاروباري برداري جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بھ گڏيل ڪاوشن جو فيصلو ڪيو آھي. بزنس فيسٽليشن اينڊ ڪو آرڊينيشن ڪميتي جي ٽرانسپورٽ بابت سب ڪميٽي جي جو اجلاس سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضٰي وھاب، مڪاني ادارن واري سيڪريٽري خالد حيدر شاھھ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال دايو، ٽرانس ڪراچي جي سي اي او طارق منظور چانڊيون، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاھھ ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. جڏھن تھ اجلاس ۾ مشھور واپاري ۽ صنعتڪار عارف حبيب، ڪاٽي جو صدر جنيد نقي، ديوان گروپ جي دانش ديوان، زبيرڇايا، زبير موتي والا، جاويد بلواني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ حڪومت جلد ئي امپورٽرز ۽ ايڪسپورٽرز بابت مسئلا حل ڪندي، پوري صوبي ۾ غير قانوني طور تي قابض ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون ھڪ مھيني اندر خالي ڪرايون وينديون تھ جيئن بس ٽرمينلز جا مسئلا حل ڪري سگھجن، ھن چيو تھ حڪومت جلد ئي ھڪ نئين اليڪٽرڪ وھيڪل (اي وي) پاليسي متعارف ڪرائڻ واري آھن، جنھن ۾ غير ملڪي ڪمپنيون سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿيون، مستقبل بجلي تي ھلندڙ گاڏين جو آھي، ان سلسلي ۾ اسان کان ھاڻي کان ئي قدم کڻڻا پوندا، سنڌ سرڪار جلد اي وي ٽيڪسي شروع ڪرڻ وڃي رھي آھي، جنھن سان نھ رڳو ماڻھن کي روزگار ملي سگھندو، پر ماحوليات جو بھ تحفظ ٿي سگھندو. اجلاس ۾ ڳالھائيندي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وھاب چيو تھ رياست جي رٽ تي ڪابھ سوديبازي نھ ڪئي ويندي، حڪومت ٽرانسپورٽ جا قانون سختي سان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي. اجلاس ۾ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو ماس ٽرانزٽ سسٽم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ شھر ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ امڪاني قدم پيش ڪيا. اجلاس ۾ موتر وھيڪل انسپيڪشن واري نظام ۽ انفرا اسٽرڪچر ۾ بھتري ۽ ڪاروباري ٽرانسپورٽ بابت مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سنڌ سرڪار جي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ تحت جاري منصوبن جي تعريف ڪئي ۽ ٻيا منصوبا پڻ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ تحت شروع ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪاروباري شخصيتن جو چوڻ ھو تھ ٽرانسپورٽ جي شعبي کي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ تحت ھلائڻ سنڌ سرڪار جو تاريخي ۽ تحسين جوڳو ڪم آھي، سنڌ سرڪار کي مختلف شعبن ۾ وڌيڪ منصوبا پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ تحت شروع ڪرڻ گھرجن. اجلاس ۾ مشھور ڪاروباري شخصيت ۽ صنعتڪار عارف حبيب امپورٽرز ۽ ايڪسپورٽرز جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ ڪاروباري برادري جي وچ ۾ سھڪار وڌائڻ تي زور ڀريو ۽ چيو تھ امپورٽرز ۽ ايڪسپورٽرز جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ ڪاروباري برادري ۾ مضبوط سھڪار اڻٽر آھي، قانون جي پاسداري ھر طبقي تي لازم آھي تھ جيئن ھڪ منصفاڻي ۽ قانون طريقي سان واپار ۽ ٽرانسپورٽ جا مسئلا حل ڪري سگھجن. اجلاس ۾ آن لائن شرڪت ڪندي مشھور واپاري زبير موتي والا تجويز ڏني تھ انفرا اسٽرڪچر جي لاءِ سيس فنڊ جي استعمال جي نگراني لاءِ ھڪ خاص ڪميٽي جوڙي وڃي. ھن چيو تھ فنڊز جي شفاف ۽ اثرائتي استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ ھڪ واضح طريقيڪار ھجڻ گھرجي تھ جيئن ٽرانسپورٽ جي سھولتن ۽ روڊن جي نظام ۾ بھتري آڻي سگھجي. ڪورنگي ايسو سي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز جي صدر جنيد نقي چيو تھ عوام ۽ ڪاروباري برادري کي ٽريفڪ ۽ ٽرانسپورٽ جي قانون بابت آگاھي ڪرڻ لاءِ شعور بيدار ڪرڻ جي مھم ھلائي وڃي، بھتر آگاھي سان ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ ڊسپلين ايندو، جنھن سان ٽريفڪ جام ۽ روڊ سيفٽي جي مسئلا گھٽجي ويندا.
