ڪارونجهر بابت حڪم نه مڃڻ تي توهين عدالت جو نوٽيس

ميرپورخاص(ن س) ڪارونجهر ڪيس، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري سياحت کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ٿي ويا،سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ ڪارونجهر ڪيس ۾ ٽيو ڀيرو مهلت ختم ٿيڻ بعد توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيو ويو،چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه ۽ سيڪريٽري سياحت خير محمد ڪلوڙ کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا،سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ پاران 16سيپٽمبر تي سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي ريڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي سنڌ حڪومت ڏنل مهلت دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪارونجهر کي قومي ورثو قرار ڏيڻ بابت نوٽيفڪيشن جمع نه ڪرائي سگهي سنڌحڪومت پاران ايندڙ ٻڌڻي تائين مهلت جي درخواست پيش ڪئي وئي جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي عدالت جو چوڻ هو ته اڄوڪي ڏينهن ۾ نوٽيفڪيشن پيش ڪيو يا توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ تيار ٿيو

پهنجو تبصرو موڪليو