ڪابينا ۾ نئين پينشن اسڪيم منظور، ڪارونجھرثقافتي ورثو قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا پھرين جولاءِ 2024ءَ کان شروع ٿيندڙ سنڌ ڊيفائنڊ ڪنٽري بيوٽريپنشن اسڪيم 2024 لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني ڇڏي. ڪابينا ڪارونجھر کي ثقافتي ورثو قرار ڏئي ڇڏيو. اجلاس وزيراعليٰ ھائوس ۾ ٿيو جنھن ۾ صوبائي وزيرن، مشيرن، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا، جن ۾ سنڌ ڊيفائنڊ ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم 2024 متعارف ڪرائڻ شامل آهي. اها اسڪيم پھرين جولاءِ 2024 کان شروع ٿيندي ۽ حڪومت ۽ ملازم ٻئي عارضي طور تي ترتيبوار 12 ۽ 10 سيڪڙو جي شرح سان پنھنجو حصو وجھندا. ڪابينا سنڌ سول سرونٽ ايڪٽ 1973ع جي سيڪشن 20 ۾ سب سيڪشن (4) کانپوءِ نئون سب سيڪشن (5) شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني. تجويز ڪيل ترميم موجب ڪنهن به مقرر يا باقاعده سرڪاري ملازم کي سنڌ سول سروس ترميمي ايڪٽ 2024 تحت سرڪاري ملازم سمجهيو ويندو پر پينشن يا گريجوئيٽ جو حقدار نه هوندو. پينشن ۽ گريجوئيٽي جي بدران سرڪاري ملازم کي حڪومت طرفان ڏنل رقم وصول ڪرڻ جو حق هوندو. حڪومتي فنڊ سندن اڪائونٽ ۾ شامل ڪيو ويندو. سرڪاري ملازم جي لاڏاڻي جي صورت ۾ سندس خاندان کي پينشن فنڊ فراهم ڪيو ويندو. ڪابينا سنڌ سول سرونٽ ايڪٽ 1973ع ۾ تجويز ڪيل ترميم کي صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.سنڌ ڪابينا سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ميرپورخاص جي فيصلي جي روشني ۾ 21000 ايڪڙن تي مشتمل ڪارونجھر رينج کي محفوظ ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪندي ثقافت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ان جو نوٽيفڪيشن سرڪاري گزيٽ ۾ جاري ڪيو وڃي.سنڌ ڪابينا اسلام ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ 1.5 ايم جي ڊي ميگا آر او پلانٽ هلائڻ لاءِ 434.109 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي ته مقامي آبادي جي فائدي لاءِ ايندڙ ٽن مهينن اندر آر او پلانٽ جي بحالي واري ڪم کي مڪمل ڪيو وڃي. اسڪول ايجوڪيشن کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) ۽ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولز (بي اي سي ايس) جا 5019 استاد اڃا تائين 25000 رپيا ماهوار اعزازي حاصل ڪري رهيا آهن. اين سي ايڇ ڊي ۽ بي اي سي ايس استادن کي وفاقي حڪومت آگسٽ 2022 ۾ سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو. 11 آگسٽ 2022 تي، اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ سان اتفاق ڪيل شرطن ۽ ضابطن مطابق سندس خدمتون مقرر ڪيون ويون، يعني 55 سالن جي عمر تائين 5 سيڪڙو سالياني واڌ سان 25 هزار رپيا ماهوار معاوضو مقرر ڪيو ويو ھو. ڪابينا مڪمل غور ويچار کانپوءِ اين سي ايڇ ڊي ۽ بي اي سي ايس استادن کي 37 هزار رپيا ماهوار ادائگي جي منظوري ڏني، جنهن سان خزاني تي 539.542 ملين رپين جو اضافي بار پوندو.ڪابينا بورڊ آف گورنرز جي منظوري سان گڏ ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ، ضلعي دادو کي پاڪستان نيوي حوالي ڪرڻ جي فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ جي باقي حصن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 250 ملين رپين جي گرانٽ جي پڻ منظوري ڏني.ڪابينا ڪاليج ايجوڪيشن کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪيڊٽ ڪاليج جي داخلائن شروع ڪري ان کي فعال ڪيو وڃي. واضح رهي ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ 104.22 ايڪڙ ايراضيءَ تي قائم ڪيو ويو آهي.ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ (اي ٽي اينڊ اين سي ڊي) ڪابينا کان مطالبو ڪيو آهي ته هو منشيات جي تدارڪ ۽ منشيات فروشن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع قانوني فريم ورڪ قائم ڪيو وڃي. سخت قانونن ۽ ضابطن کي متعارف ڪرائڻ سان منشيات جي پيداوار، پروسيسنگ ۽ اسمگلنگ کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 46 ايڪسائيز پوليس اسٽيشنز آهن جن مان 6 ڪراچي شهر ۾ قائم آهن. نارڪوٽڪس ڪنٽرول وٽ 333 سينڪشن اسٽرينٿ آهن، جن مان رڳو 27 فعال آهن ۽ گذريل پنجن سالن دوران 791 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته کاتي ۾ ڪرمنل رڪارڊ آفيس جو ڪو به نظام موجود ناهي، ايف آءِ آرز جي سزا لاءِ فوري سسٽم جوڙڻ گھرجي.سنڌ ڪابينا منشيات جي پوکيءَ تي 7 سال قيد ۽ 500000 رپيا ڏنڊ، منشيات ٺاهڻ ۽ جاءِ جي استعمال تي 14 سال قيد ۽ 2000000 رپيا ڏنڊ ۽ منشيات رکڻ تي هڪ کان 7 سال قيد ۽ 100000 رپيا ڏنڊ جي سزا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس کاتي سزا ۽ ڏنڊ مقرر ڪرڻ جي تجوريز ڏني ھئي.صوبائي ڪابينا سنڌ انسٽيٽيوٽ آف فزيڪل ميڊيسن اينڊ ريهيبليٽيشن جو انتظامي ڪنٽرول صحت کاتي کان ڊپارٽمينٽ آف پرسنز وٿ ڊس ايبلٽيز (ڊي اي پي ڊي) کي سنڌ ايمپاورمينٽ آف پرسنز ود ڊيبيلٽيز (ايس اي پي ڊي) ايڪٽ 2018 پرسن وٿ ڊس ايبلٽيز (پي ڊبليو ڊيز) جي سڀني حقن جي حفاظت لاءِ ڊي اي پي ڊي کي هڪ خاص مينڊيٽ ڏئي ٿو. ڪابينا ايس آءِ پي ايم اينڊ آر ايڪٽ 2019 ۾ ترميم جي منظوري ڏني ۽ ان کي قانون سازي لاءِ اسيمبلي ڏانهن موڪليو.سنڌ ڪابينا ڊيننگ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي اينڊ انٽرپرينئرشپ (ڊي آءِ اي ٽي) کي چارٽر ڏيڻ جي منظوري ڏيندي ان کي قانون سازي لاءِ اسيمبلي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. سنڌ ڪابينا جسٽس (ر) شاهنواز طارق کي 6 اپريل 2025ع کان 5 اپريل 2029ع تائين مسلسل ٽئين مدي (چار سالن) لاءِ صوبائي محتسب مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته فشريز فوڊ سيڪيورٽي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، معاشي موقعا فراهم ڪري ٿي. باٽم ٽرالنگ سبب مڇيءَ جي نسل تي خراب اثر ٿين ٿا.اها نشاندهي ڪئي وئي ته باٽم ٽرالنگ جيوتائي تنوع ۽ سامونڊي وسيلن جي تباهي جو بنيادي سبب آهي. نتيجي طور ملڪ جا سامونڊي وسيلا وڏي دٻاءَ هيٺ آهن ۽ مڇي جي ذخيرن کي بچائڻ لاءِ پائيدار اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي.باٽم ٽرالنگ ذريعي مڇي پڪڙڻ اڻوڻندڙ طريقو آهي ڇاڪاڻ ته وڏا، ڳرا ڄار ڇڪڻ سان سمنڊ اندران هر شيءِ صاف ٿي ويندي آهي. اهو عمل پڻ قدرتي سامونڊي رهائش کي تباهه ڪري ٿو ۽ سڀني آبي زندگي بشمول ٻوٽن ۽ جانورن سميت سمورين آبي حيات کي متاثر ڪري ٿو. باٽم ٽرالنگ سامونڊي جيوت ۽ سامونڊي ماحولياتي نظام تي ناڪاري اثر وجھي ٿو.ڪابينا فشريز رولز 1983ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن تحت ڪنهن به ماڻهو کي اھڙي ڄار يا پرس سيئن نيٽ سان مڇي مارڻ جي اجازت نه هوندي. جنھن کي مقامي طور تي ”وائر نيٽ“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو يا رنگ جال ۽ باٽم ٽرال ڄار جيڪي مقامي طور تي ٽرال يا گُجا، گُجو يا گوجي سڏجن ٿا. سنڌ جي سامونڊي پٽي کان 12 ناٽيڪل ميلن جي مفاصلي تي صوبي جي ڪريڪ علائقن ۾ پابندي لاڳو ھوندي.کنڊ جي برآمد تي ڪيش فريٽ سپورٽ: زراعت کاتي ڪابينا کي آگاهي ڏني ته اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) سيپٽمبر 2017 ۾ کنڊ جي برآمد لاءِ 10.70 رپيا في ڪلوگرام جي ڪيش فريٽ سپورٽ جي منظوري ڏني هئي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي اسٽيٽ بئنڪ ذريعي شگر ملن کي برابر حصو ڏيڻو هو. ان کان علاوه سنڌ حڪومت کنڊ جي ايڪسپورٽ تي 9.30 رپيا في ڪلو جي اضافي ڪيش فريٽ جو اعلان ڪيو. جڏهن ته وفاقي حڪومتي ادارن پاران شگر ملن کي ادائيگيون روڪي ڇڏيون. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ پڻ شگر ملز کي بقايا رقم جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. ڪابينا 10.70 رپيا في ڪلو جي حساب ساب ڪيش فريٽ سپورٽ جا 50 سيڪڙو لاڳاپيل شگر ملز ۾ ورھائڻ لاءِ اسٽيٽ بينڪ کي 3.3 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان کان علاوه ڪابينا 281966700 رپين جي منظوري پڻ ڏني. سنڌ بئنڪ ذريعي لاڳاپيل کي اضافي ڪيش فريٽ سپورٽ جي مد ۾ 9.30 رپيا في ڪلوگرام جي حساب سان ادائيگيون ڪيون وينديون. ڪابينا چيو ته اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۽ سنڌ جي ڪين ڪمشنر لاڳاپيل شگر ملن کي تصديق کان پوءِ جاري ڪيل رقم ورهائڻ جا ذميوار هوندا.سنڌ ڪابينا وڌ ۾ وڌ 25 ايڪڙ زمين رکندڙ هارين کي بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. بينظير هاري ڪارڊ ذريعي هارين، آبادگارن ۽ زرعي زميندارن کي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ مختلف قسم جي سبسڊي، سهولتون، رليف، بارداني جي ورڇ ۽ ٻيون سرڪاري سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو