ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ مائي ڪلاچي روڊ ريلوي گيٽ ويجهو ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار عورت ۽ مرد فوت ٿي ويا.پوليس موجب حادثي ۾ هڪ ڇوڪري سخت زخمي ٿي پئي، فوت ٿيلن ۽ زخمين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.پوليس موجب، ڪار ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو جڏهن ته ڪار کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.ٻئي طرف ڪلفٽن بلاڪ 2 ۾ هڪ گاڏي مان هڪ شخص جو لاش مليو.پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ هڪ پستول ۽ مقتول جو موبائل فون هو.ان دوران، رزاق آباد جي لانڌي ۾ عبدالله ڳوٺ جي هڪ گهر مان هڪ شخص جو لاش مليو، جنهن جي سڃاڻپ 35 سالن جي عبدالستار جي نالي سان ٿي.
