اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جعفر ايڪسپريس تي آپريشن جي حوالي سان چيو آهي ته سمورن دهشتگردن کي ماريو ويو، آپريشن ۾ پاڪ فوج، ايئر فورس، ايف سي ۽ ايس ايس جي شرڪت ڪئي. دنيا نيوز جي پروگرام آن دي فرنٽ ۾ ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ ئي دهشتگردن 21 شهرين کي شهيد ڪيو، يرغمالن کي آهستي آهستي آزاد ڪيو ويو. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته 11 مارچ جي رات 1 وڳي دهشتگردن بولان پاڪ جي علائقي اوسي پور ۾ ريلوي ٽريڪ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. هن چيو ته هي ڏکيو علائقو آهي، دهشتگردن پهريان يرغمال بڻيل ماڻهن کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. آپريشن دوران ڪنهن به مسافر کي نقصان نه پهتو، آپريشن ۾ فوج، ايئرفورس، ايف سي ۽ ايس ايس جي حصو ورتو. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته يرغمالين کي قدم قدم تي آزاد ڪيو ويو، آپريشن دوران اهي دهشتگرد سيٽلائيٽ فون ذريعي افغانستان ۾ موجود پنهنجي سهولتڪارن ۽ ماسٽر مائينڊ سان رابطي ۾ هئا، ڪالهه شام تائين 100 جي لڳ ڀڳ مسافرن کي دهشتگردن کان بحفاظت آزاد ڪرايو ويو. جڏهن شام جو فائنل ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو ته اغوا ڪيل سمورن مسافرن کي بازياب ڪرايو ويو، دهشتگرد مسافرن کي انساني ڍال طور استعمال ڪري رهيا هئا. آپريشن ڪافي احتياط ۽ مهارت سان ڪيو ويو، دهشتگردن کي ماهر نشاني بازن نشانو بڻايو. هن چيو ته اتي موجود سمورن دهشتگردن کي جهنم ۾ موڪليو ويو آهي، انهن جو ڪل انگ 33 آهي، ڪليئرنس آپريشن دوران ڪنهن به بيگناهه مسافر کي ڪو به نقصان نه پهتو پر ڪليئرنس آپريشن کان اڳ دهشتگردن هٿان بيدردي سان شهيد ٿيندڙ مسافرن جو انگ 21 آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ان کان علاوه ريلوي پڪيٽ تي مقرر 3 ايف سي جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڪالهه آپريشن دوران هڪ ايف سي جوان به شهيد ٿي ويو. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جو چوڻ هو ته واقعي واري هنڌ موجود سمورن دهشتگردن کي ماريو ويو آهي، جڏهن ته ايس او پي موجب بم ڊسپوزل اسڪواڊ علائقي ۽ ٽرين جي ڪليئرنس ۽ معائنو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ان کان علاوه اغوا ڪيل مسافرن کي به گڏ ڪيو پيو وڃي جيڪي آپريشن دوران ساڄي ۽ کاٻي علائقن مان ڀڄي ويا هئا. مان اهو ضرور چوندس ته پاڪستان جي بيگناهه شهرين کي روڊن رستن، ٽرينن، بسن يا بازارن ۾ پنهنجن گمراهه ڪندڙ خيالن ۽ پنهنجن پرڏيهي آقان جي مهربانيءَ ۽ سهولتڪاري جو نشانو بڻائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ائين ڪن ٿا، انهن کي واضح ڪري ڏيان ته کين قتل ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. مان اهو به چوڻ چاهيان ٿو ته جعفر ايڪسپريس واقعي راند جا اصول تبديل ڪري ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن دهشتگردن جو اسلام، پاڪستان ۽ بلوچستان جي مذهب سان ڪو به تعلق ناهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڳاڙهي دائري ۾ ٽي ڪارا بليڪ ڊاٽ نظر اچي رهيا آهن، هي اها جاءِ آهي، هي اهي ٽي ٽولا آهن، جن ۾ بيگناهه مسافر ن کي رکيو ويو، انهن جي ڀرسان آپگهاتي بمبار به ويٺا هئا، ان ڪري اسان تمام گهڻو احتياط ڪيو.
