ڪاڪول فٽنيس ڪيمپ بابت رانديگرن جو رد عمل

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته فزيڪل ٽريننگ ڪيمپ سان اسان کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ گهڻو فائدو ٿيندو. بابر اعظم جو چوڻ آهي ته اها منهنجي هن قسم جي ٽيون ڪيمپ هئي، جڏهن به اچي ڪجهه سکيو ته هن ڪيمپ جو اصل مقصد ٽيم ۾ اتحاد هو ۽ ان تي تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو.بابر اعظم چيو ته هن ڪيمپ کانپوءِ جسماني فٽنس بابت پريشان نه ٿينداسين، منهنجي لاءِ سڀ کان يادگار لمحو اعظم خان جو جبل تي چڙهڻ هو.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين اعظم خان جو چوڻ آهي ته اونچائي سبب ڪيمپ سخت هئي پر فائديمند به هئي، جبل جي چوٽي تي پهچڻ هڪ منفرد تجربو هو جيڪو هميشه ياد رکيو ويندو.آل رائونڊر شاداب خان جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ کان اڳ هي فٽنيس ڪيمپ تمام ضروري هو، رانديگر جيترو فٽ هوندا اوترو ئي ٽيم بهتر ٿيندي.شاداب خان چيو ته ڪيمپ ذريعي رانديگرن کي هڪ ٻئي کي سمجهڻ جو بهترين موقعو مليو.عامر جمال جو چوڻ آهي ته اهڙي ٽريننگ اسان لاءِ بلڪل نئين هئي پر پوءِ اسان کي عادت پئجي وئي، ڪنهن به ايونٽ کان اڳ ٽيم بانڊنگ ضروري آهي ۽ هن ڪيمپ مدد ڪئي.عماد وسيم چيو ته اها ٽريننگ عام ڪرڪيٽ ٽريننگ کان مختلف هئي پر تمام اثرائتي هئي، آرمي ٽرينرز رانديگرن جي فٽنيس تي سخت محنت ڪئي آهي.فاسٽ بالر نسيم شاهه چيو آهي ته هن ٽريننگ ۾ جم جو ڪم گهٽ هو، اسٽيمني تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو، اها ٽريننگ اسان لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪارآمد ثابت ٿيندي جتي وڌيڪ اسٽيمينا جي ضرورت هوندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو