ڪتابن جي مطالعي کان محروم اڄ جو نوجوان!

نذير ٻٻر
روسي اديب انتون چيخوف جي چوڻ مطابق تہ ” ھيءَ سٺي ڳالھ آھي، جو اڄ توهان کي پڙهڻ جي عادت پئجي وڃي، عنقريب اهو وقت بہ ايندو جو توهان کي ان عادت جي قدر ۽ قيمت جي خبر پئجي ويندي”. اڄ دنيا جيتري قدر ترقي پذير آهي اوترو ئي اسان ڄڻ جهالت جي اوندھ ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون. اسان مهانگا ڪپڙا، مهانگا بوٽ، مهانگا پرفيوم، مهانگا موبائيل سيٽ وغيره خريد ڪرڻ ۾ تہ ٻين کان اڳرا آهيون، پر ٻہ سئو کان پنج سئو تائين ڪتاب خريد ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهيون. اسان مان ڪيترائي ماڻهو علم جي دعوا تہ ڪندا آهن، پر سندن چيل ڳالھين تي بحث دوران جڏهن کين کان دليل گهريو ويندو آهي تہ ڪاوڙجي پوندا آهن يا وري ڳالھ کي ھيڏانھن هوڏانهن گهمائي ڦيرائي نٽائي ويندا آهن. ان مان ظاهر ٿيو تہ اسان ۾ ڪتابن، رسالن، اخبارن يا ميگزينن جي مطالعي ڪرڻ جي ڪيتري کوٽ آهي. اوشو جي چيل ڳالھ وانگر ” ڪيترائي ماڻهو ٻُڌل سُڌل ڳالهين تي بحث ڪري پاڻ کي زوري عالم يا مفڪر مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن” جيتوڻيڪ سندن ذاتي تحيقيق يا مطالعي جي حد نہ هئڻ جي برابر هوندي آهي. اهڙي ڳالھ سنڌ جي تاحيات شاعر لاکيڻي لطيف بہ ڪئي آهي. شايد کيس پنهنجي دور ۾ مطالعي جي اڻهوند نظر آئي هئي، تڏهن ئي تہ چيائين،
محروم ٿي مري ويا، ماهر ٿي نہ مئا،
چڙيءَ جيئن چُهنج هڻي، لڏيائون لُئا،
حباب ئي هئا، انهي واديءَ وچ ۾.
يقينن اڄ بہ اسان مان ڪيترائي ماڻهو جهرڪي جي چهنب ۾ ايندڙ داڻي جيترو علم حاصل ڪري پاڻ کي مفڪر، اديب، دانشور يا ڏاهو سڏائڻ لاءِ پهرين صف ۾ بيهندا آهن. اسان پنهنجي شعور جو اندازو ان مان بہ لڳائي سگهون ٿا تہ ملڪ پاڪستان جي هن وقت ٽوٽل آبادي لڳ ڀڳ پنجويھ ڪروڙ آهي، جڏهن تہ پوري پاڪستان مان هن وقت تقريبن 707 ننڍيون وڏيون اخبارون مختلف ٻولين ۾ شايع ٿين ٿيون. انهن اخبارن جي ڪاپين جي ڇپائي جو تعداد تقريبن ڏھ لک ٻڌايو وڃي ٿو. هاڻي اندازو لڳايو تہ آبادي جي لحاظ کان ڇپجڻ جو تعداد %0.4 سيڪڙو ٿئي ٿو. مطلب تہ لڳ ڀڳ 240 ماڻهن لاءِ هڪ اخبار ڇپجي ٿي، پر منهنجي خيال ۾ انهن مان به ڪيتريون ئي اخبارون نہ وڪامجڻ ڪري ردي جي ٽوڪري ۾ پون ٿيون يا اخبار مالڪ جي پريسن مان ئي ڪٻاڙخانن ۾ پھچن ٿيون. اسان جي ملڪ جي تعليم جا رکوالا ملڪ ۾ خواندگي جي شرح %75 سيڪڙو فخر سان ٻڌائي رهيا آهن پر ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن طرفان %58 سيڪڙو يا ان کان بہ گهٽ ٻڌايو وڃي ٿو. ڪو وقت هو جو سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڪتابن جا دڪان ۽ اسٽال هوندا هئا، جتان هر فڪر جو ماڻهو پنهنجا پسنديده ڪتاب خريد ڪري مطالعو ڪري سگهندو هو. هاڻي ڪتابن جو مطالعو نہ هئڻ ڪري شهرن ۾ بڪ استورس تان سواءِ شاگردن جي نصابي ڪتابن جي ٻيا ڪتاب ملڻ مشڪل آهن. پڙهڻ جو معيار ايترو وڃي بچيو آهي، جو ڪنهن بہ ننڍي وڏي ليکڪ جو ڪتاب پبلشر پاران اوسيتائين ڇپائڻ کان معذرت ڪئي وڃي ٿي، جيستائين ان جي ڇپائي جو سڄو خرچ ليکڪ پنهنجي هڙان وڙان ادا نٿو ڪري. ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ اهوئي اديب، ادبي پروگرامن يا عام توڙي خاص ماڻهن ۾ پنهنجو قلمي پورهيو اعزازي ڪاپي طور تي رهائيندو نظر ايندو آهي. اسان کي پنهنجي شعور جو ڪاٿو لڳائڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي تہ اسان جو پڙهيل لکيل يا عام ماڻهو ڪيترو مطالعو ڪري ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ مهذب قومن ھميشہ پنهنجي قوم کي شعور ڪتابن جي مطالعي جي ذريعي ئي ڏنو آهي. اسان جي شعور جو معيار ايترو آهي جو نہ ڪنهن جي حقن جو خيال ٿا رکون، نہ ئي سچ کي سچ، ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ جي همت ٿا رکون ۽ نہ ڪنهن جي عزت ۽ احترام جي تقاضائن کي ڄاڻون ٿا، نہ مذهب کي ٿا ڄاڻون ۽ نہ ئي مهذب قوم ٿيا آهيون. تڏهن ئي تہ عام ماڻهو توڙي رياست طرفان انسان جي تذليل تي بہ فخر محسوس ڪندي نظر ايندا آهيون. هتي ماڻهو ٺاهڻ بجائي ماڻھو ڊاهڻ کي ترجيح ڏني ويندي آهي. هڪ چيني چوڻي آهي تہ جڏهن ماڻهو ڏھ ڪتابَ پڙهندو آهي تہ ان ڄڻ ڏھ ھزار ميل جو سفر طئي ڪيو “. فرانسيسي اديب ڪانڪا جو چوڻ آهي تہ” هڪ ڪمرو بغير ڪتابن جي ايئن آهي جيئن بغير روح جي جسم” اهو تہ قدرت جو به قانون آهي، جو مالڪ پنهنجي ٻانهن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ صرف نبين جي چونڊ نہ ڪئي، بلڪ انسان کي سمجهائڻ لاءِ آسماني ڪتاب بہ نازل ڪيا تہ جيئن انسان پڙهي پروڙي هڪ تربيت يافتہ انسان بڻجي. ان مان ظاهر ٿيو تہ انسان کي انسان سمجهائڻ لاءِ ڪافي ناهي، بلڪ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ ڪتابن جو پڙهڻ پڻ لازمي آهي. يوناني ڏاهي افلاطون چيو آهي تہ ” ڪتابَ ڪائنات کي روح، ذهن کي پَرَ، تخيل کي اڏار ۽ انساني وجود کي خوبصورت زندگي بخشين ٿا” ٿامس فون ڪيمپن لکيو آهي تہ “جڏهن مان عبادت ڪندو آهيان تہ مان خدا سان ڳالهيون ڪندو آهيان پر جڏهن مان ڪتاب پڙهندو آهيان تہ خدا مونسان ڳالهيون ڪندو آهي”. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ خدا کي سڄاڻڻ لاءِ پڻ قرآن مجيد يا آسماني ڪتاب کي پڙهڻ لازمي آهي. ڪتاب جي مدد کانسواءِ ماڻهو پاڻ کي بہ نٿو سڄاڻي سگهي. ڪتاب کان وڌيڪ ڪو بہ بهترين دوست نٿو ٿي سگهي. ڪتاب اهو دوست آهي جيڪو ڪڏهن انسان کي تنها نٿو ڇڏي ۽ ھميشہ سڌي راھ ڏيکاريندو آهي. مطالعو انساني ذهن جو اهڙو چشمو آهي جتان علم ۽ حڪمت جا درياھَ نڪرندا آھن. انساني شعور جو سڀ کان وڏو ذريعو ڪتاب آهن؛جيڪي انسان جي خيالن ۽ نظريات کي سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. مطالعي ذريعي بغير مقصد زندگيءَ کي با مقصد زندگي بڻائي سگهجي ٿو. علم ۽ شعور جا دروازا ڪتابن ذريعي ئي کلندا آهن. دل ۽ دماغ کي سڪون بخشڻ لاءِ ڪتابن جو مطالعو ضروري آهي. مطالعو انسان جي سوچ، سمجھ، بصيرت ۽ روح لاءِ بهترين غذا آهي. ڪتابن جو مطالعو ماڻهو کي ماضي، حال ۽ مستقبل کان روشناس ڪرائي ٿو. مطالعو انسان جي شخصيت کي نکاري ٿو. مطالعو ماڻهو کي معاشري ۾ اعلي مقام ڏيارڻ جو ذريعو پڻ آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ٽہ جڏهن ملڪن تي ڪاهون ٿينديون هيون تہ حملي آور پهريون لائبريريون ساڙيندا هئا پر هاڻي ڪتاب لائبريرين ۾ رکي رکي اوڏهي هٿان رک ٿي وڃڻ ٿا. اڄ بہ دنيا ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا ۽ انڊيا ڪتاب پڙهڻ واري شرح ۾ پهرين نمبر تي آهن . جڏهن تہ دنيا ۾ گهڻي کان گهڻيون لائبريريون رکڻ وارو ملڪ چائنا. افسوس اسان جي ملڪ جي نوجوان پنهنجي واندڪائي جي وندر موبائيل فون ۾ ڳولي لڌي آهي، جتان کيس سواء بيچيني، بي اعتمادي، ذهني مونجهارن، نااميدي ۽ دٻاءُ جي ڪجھ حاصل نہ ٿيندو. اڄ جي نوجوان کي اها ڳالھ سمجهڻ گهرجي ته سکڻ ۽ سيکارڻ جو بهترين ذريعو اڄ بہ ڪتاب کي سمجهو وڃي ٿو. ڀلي ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام، فيس بڪ، ٽوئٽر، يوٽيوب وغيره هن دور جي اهم ضرورت يا ڪمائي جا ذريعا هجن، پر تربيت، تعليم ۽ اصلاح جو ذريعو ڪتاب کي ئي سمجهو وڃي ٿو. ڪنهن انگريز فلاسافر لکيو ”مون کي ٽيليويزن ڏاڍي تعليم ڏيندڙ لڳي ٿي پر پوءِ بہ مان ٻئي ڪمري ۾ وڃي ڪتاب پڙهندو آهيان” اسان جي شعور کي اها ڳالھ سمجهڻ گهرجي تہ سماجي توڙي معاشرتي تبديلي علم سان ايندي آهي، ۽ علم جي لاءِ مطالعو ڪرڻ اهم آهي. اوهان جيترو وڌيڪ مطالعو ڪندا، اوترو حقيقت جي ويجهو ايندا. جيترو حقيقت کي ويجھو ايندا، اوترو زندگيءَ جي رازن، فلسفي، تاريخ، مذهبي غير مذهبي علمن ، تحقيق جا طريقا، تنقيد جا اصول، سياست، معاشيات، انقلاب، لسانيات، ذهني، تخليقي، روشن خيالي وغيره کي با آساني سمجهي سگهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو