ڪترينا ڪيف حمل سان آهي، ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف حامله آهي ۽ سندس پهريون ٻار لنڊن ۾ پيدا ٿيندو. ڪترينا ڪيف جي حمل جون خبرون اپريل 2023 ۽ 2022 ۾ به منظر عام تي آيون، پر بعد ۾ اهڙين خبرن کي اداڪارا جي ويجهن ذريعن غلط قرار ڏئي ڇڏيو هو. هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪارا جي حمل جي خبر سامهون آئي آهي، جنهن جي اداڪارا يا سندس ويجهن ذريعن تصديق يا ترديد نه ڪئي آهي. ڪترينا 9 ڊسمبر 2021 تي وڪي ڪوشل سان شادي ڪئي هئي. ڪترينا اڄ ڪالهه ويڪرا ڪپڙا پائ.ي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو