ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسيئشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججز جي بدلين خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي بار طرفان ججز جي بدلين خلاف آئين جي آرٽيڪل 34(3) اي جي تحت درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ صدر پاڪستان ۽ وفاق سميت رجسٽرار سپريم ڪورٽ، رجسٽرار لاهور، اسلام آباد، سنڌ، بلوچستان هاءِ ڪورٽس ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽس ۾ ٽرانسفر ججز ۽ متاثر ججز کي به ڌر بنايو ويو آهي.داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ججز ٽرانسفر جي حوالي سان آئين صدر کي غير محدود اختيار نٿو ڏئي، صدر جو قدم عدليه جي آزادي ۽ اختيارن جي ورهاست جي اصولن جي ابتڙ آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ججز ٽرانسفر جو نوٽيفڪيشن غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، ٽرانسفر ٿيل ججز کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جج نٿو سمجهي سگهجي ان ڪري ٽرانسفر ججز کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي طور تي ٻيهر حلف کڻڻو پوندو. داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ انهي وقت جي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق جي ججز ٽرانسفر جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏئي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نئين سينارٽي لسٽ کي غير آئيني قرارڏنو وڃي. ان سان گڏ ئي وقتي چيف جسٽس جي مقرري جي حوالي سان جاري نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
