ڪراچي جا مسئلا لساني نه انتظامي آهن،ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) ڪراچي جي مسئلن تي هڪ آواز ٿي انهن کي لساني نه پر انتظامي مسئلا قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بهادرآباد مرڪز پهتو، جتي هن ايم ڪيو ايم جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته سنڌ ۾ ”سسٽم“ سياسي سسٽم کان وڏو ٿي چڪو آهي، جيڪو نظر ته نٿو اچي پر هلي ضرور رهيو آهي. هن چيو ته ڪراچي سان پنجاهه سالن کان ٿيندڙ ناانصافي ۽ لساني بنيادن تي لاڳو ڪيل ڪوٽا سسٽم شهر جي خرابين جا بنيادي ڪارڻ آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪچو شراب پيئڻ تي سنڌ سرڪار پاران معاوضو ڏئي سگهي ٿي ته پوءِ ڊمپر حادثن جا شڪار ماڻهو ڇو محروم آهن؟ هي انساني ۽ انتظامي مسئلا آهن، جن کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي شاهي سيد به واضح ڪيو ته ڪراچي جا مسئلا لساني نه پر مڪمل طور تي انتظامي نوعيت جا آهن. هن چيو ته بيروزگاري، تعليم ۾ ڌانڌليون ۽ ميرٽ جو قتل، ڪراچي وارن لاءِ وڏا چئلينج آهن، جيڪي اسان کي گڏجي حڪومت کان حل ڪرائڻا آهن. شاهي سيد مطالبو ڪيو ته جيڪي ماڻهو غلط گاڏيون هلائن ٿا انهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو