ڪوئٽا 4 وڪيٽن تان ڪراچي کي شڪست ڏئي ڇڏي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ڪوئٽا گليڊيئٽرز ڪراچي پاران 164 رنز جو ڏنل ٽارگيٽ آخري اوور ۾ حاصل ڪري ميچ 4 وڪيٽن تان کٽي ورتي.آخري اوور جا 2 بال باقي هئا ته ڪوئٽا ميچ کٽي ورتي. ابتدا ۾ ڪوئٽا کي مشڪل ٿي  پر سرفراز ۽ گپٽل جي شاندار پارٽنرشپ سبب ڪوئٽا ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. مارٽن گپٽل زبردست بيٽنگ ڪندي ميچ کٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آخري اوور ۾ 8 رنز گهربل هيون پر سرفراز رن آئوٽ ٿي ويو. 4 بالن تي 7 رنز گهربل هيون ته عامر يامين کي گپٽل چوڪو هنيو ۽ ٽن بالن تي 3 رنز گهربل هيون پر 2 بال باقي هئا ته هنن ميچ کٽي ورتي. مارٽن گپٽل 4 ڇڪن 9 چوڪن جي مدد سان 56 بالن تي 86 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. نواز 15، سرفراز 29 ۽ پريٽوريس 10 رنز ٺاهيون. ان کان اڳ 34 ميچز جي سيريز جو 20هون ميچ کيڏيو ويو ۽ ڪوئٽا گليڊيئٽرز ٽاس کٽي ڪراچي کي بيٽنگ ڏني. ڪراچي شرجيل خان کي نه کيڏايو، اوپنر ميٿيو ويڊ پهرين ئي اوور ۾ نسيم شاهه جي بال تي سرفراز هٿان زيرو تي ڪيچ ٿيو. هن سان گڏ اوپننگ لاءِ آيل ايڊم روزنگٽن هڪ ڇڪي ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 45 بالن تي 69 رنز ٺاهي نوين الحق جي بال تي نجيب الله زدران هٿان ڪيچ ٿيو. هن کان اڳ طيب طاهر، قاسم اڪرم۽ شعيب ملڪ آئوٽ ٿي چڪا هئا. ملڪ 13 رنز ٺاهي سگهيو پر 2 ٻيا سنگل ڊجٽ ۾ اسڪور ڪري سگهيا. عماد وسيم جو ساٿ ڏيڻ لاءِ جيمز فيولر آيو پر هو به پنج رنز ٺاهي آئوت ٿيو. ان وقت ڪراچي جو اسڪور 131 رنز هو. جنهن بعد عامر يامين ۽ ڪپتان عماد شاندار اسٽروڪس کيڏيا ۽ 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي ڪراچي 164 رنز اسڪور ٺاهي سگهي. عماد وسيم 20 بالن تي هڪ ڇڪي ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 30 رنز ناٽ آئوٽ رهيو، عامر يامين 2 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 11 بالن تي 23 رنز ناٽ آئوٽ رهيو. نسيم شاهه 4 اوورز ۾ 31 رنز ڏئي 2 ۽ ايمل خان 4 اوورز ۾ 26 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون. جڏهن ته نواز 22 رنز ۽ نوين الحق 43 رنز ڏئي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ڊواني پريٽوريس 39 رنز ڏنيو پر کيس وڪيٽ نه ملي. ياد رهي ته پوائنٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي لاهور ۽ ٻئي نمبر تي اسلام آباد آهي. ڪراچي جو اڄ اٺون ميچ آهي اڳ ۾ کيڏيل 7 ميچز مان پنج هارائي چڪي آهي، ڪوئٽا 7 ميچز مان رڳو هڪ ميچ کٽي باٽم لائين تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو