ڪراچي جي بهتري لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسان جون عورتون تمام بااختيار آهن.انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان جي معاشري ۾ تمام گهڻيون رڪاوٽون آهن.هن چيو ته ڪراچي ۾ ثقافتي ميلو ۽ دفاعي نمائش انتهائي منظم انداز ۾ منعقد ڪئي وئي.ميئر ڪراچي چيو ته وڏي ڳالهه آهي ته 44 ملڪن جا فنڪار ڪراچي آيا.هن وڌيڪ چيو ته شهر جي بهتري لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو