ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي اڄ شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز موجب اڄ شهر ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي پر انهن برساتن سان ڪراچي ۾ گرمي پد تي گهڻو اثر نه پوندو. چيف ميٽولوجسٽ چيو ته ڪراچي ۾ اڄ به گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو ۽ 20 آڪٽوبر کانپوءِ شهر ۾ گرمي پد ۾ گهٽتائي ايندي.سردار سرفراز موجب اترين علائقن ۾ رات جو گرمي پد سنگل ڊيجيٽ تي پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو