ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)عيد جي ڏينهن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا. موسميات کاتي موجب، زلزلي جي شدت 4.7 ريڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڪراچي جي اتر ۾ 75 ڪلوميٽر پري هو. موسميات کاتي مطابق، زلزلي جي گهرائي 19 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جا جھٽڪا 4 وڳي 11 منٽن تي محسوس ڪيا ويا. شهرين به سوشل ميڊيا تي زلزلي جي جھٽڪن بابت ڄاڻ ڏني آهي. زلزلي سبب في الحال ڪنهن به نقصان جو ڪو اطلاع ناهي مليو.
